نئون ديرو(ن پ ا) ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مراد ڏاهاڻي تي جيها ڌر جي هٿياربندن جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو، جيها ڌر پاران ڏاهاڻي ڌر مٿان راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا، راڪيٽ لانچر ڳوٺ مراد ڏاهاڻي واسي عبدالڪريم ڏاهاڻي جي گهر ۾ڪرڻ ڪري گهر جي ڇت کي نقصان رسيو جڏهن ته فائرنگ سبب گهر ۾ بيٺل مينهن مري وئي، رابطو ڪرڻ تي عبدالڪريم ڏاهاڻي ٻڌايو ته اسان جو جيها ڏاهاڻي تڪرار سان ڪو به تعلق ناهي پر ان باوجود جيها ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني ۽ راڪيٽ لانچر فائر ڪيا، راڪيٽ لانچر گهر جي ڇت تي ڪرڻ ڪري گهر جي ڇت کي نقصان رسيو ۽ گهر ۾ موجود گهرڀاتي معجزاني طور محفوظ رهياسين فائرنگ سبب گهر ۾ بيٺل مينهن مري وئي، اسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي پوليس اطلاع ڏنو پوليس خانا پوري ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ٻاهران چڪر لڳائي واپس موٽي وئي، هن پوليس جي اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته حملو ڪندڙ جيها ڌر جي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.