نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ مٺو ککراڻيءَ ۾ معصوم ٻارڙي گهر ٻاهران پاڻيءَ جي کڏي ۾ ڪري فوت ٿي وئي. 3 ورهين جي عاصمه ڌيءَ علي جان ککراڻي کي بيهوشيءَ واري حالت ۾ وارث نئون ديرو اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. اسپتال ۾ ضروري ڪاروائي بعد ٻارڙي جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ دانهون پئجي ويون. اسپتال ۾ موجود فوتي ٻارڙي جي والد علي جان ککراڻي ٻڌايو ته ننڍڙي عاصمه گهر ٻاهران ٻين ٻارن سان گڏ راند کيڏي رهي هئي خبر ئي نه پئي ته هوءَ ڪڏهن کڏ ۾ ڪري پئي گهڻي ڳولا ڪرڻ بعد کڏي مان سندس لاش مليو.