نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ ٻيو ساليانو ڪتابي ميلو لڳايو ويو، جنهن ۾ شاگردياڻين، استادن ۽ استادياڻين ڀرپور نموني ۾ شرڪت ڪري ڪتابن جي خريداري ڪرڻ سان گڏ ڪتابن جو مطالعو پڻ ڪيو. ڪتابي ميلي ۾ درس، تدريس جي ڪتابن سان گڏ شاعري، مضمون نگاري، ڪهاڻي، ناول، آتم ڪٿا، سفر نامه ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب رکيا ويا، جيڪي شاگردياڻين ۽ ٽيچرز جي توجهه جا مرڪزي بڻيل رهيا. ڪتابي ميلي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ريجنل ڊائريڪٽر محسن خان، ميزبان پرنسپال صدوران سولنگي، محمد عتيق سومرو، پروفيسر نذير احمد، در محمد، نواب ڪلهوڙو، نادر حسين ۽ ٻين خصوصي شرڪت ڪئي. جتي ڳالهائيندي هنن جو چوڻ هو ته گرلز ڪاليج ۽ اسڪولن اندر ڪتابي ميلا لڳرائڻ بهتر عمل آهي جنهن سان شاگردياڻين ۾ ڪتاب خريد ڪرڻ ۽ انهن کي دلچسپي سان پڙهڻ جو رجحان وڌي ٿو.