نئون دمبالو (ن پ ا) ڳوٺ ڪرڙ پنهور جارهواسي، ارباب ولد ناٿو پنهور ۽ مير علي پنهور عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويا، امير بخش پنهور صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ ارباب پنهور ۽ مير علي پنهور ڪراچي ۾ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندا آهن جن کي عورتاڻي آواز تي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ گهرائي اغوا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڌاڙيلن فون ڪري مغوي ڇڏڻ عيوض 75 لک رپيا ڀنگ گهريو آهي،ڌاڙيلن پاران تشدد جو آواز ٻڌائي ڪنهن به طريقي سان ڀنگ جي رقم هٿ ڪرڻ جو چيو ويو آھي، وارثن جو چوڻ آھي ته غريب آھيون، ايتري رقم نه ٿا ڏئي سگهون. هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي.