نئون دمبالو ( ن پ ا)نئون دمبالو لڳ ٻڊو قمبراڻي لڳ چلهه مان چڻنگ لڳڻ ڪري ڀيل برادري جي گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي چار گھر سڙي رک ٿي ويا  هڪ نياڻي جو ڏاج به سڙي رک ٿي ويو ، باه سبب ليمون ، جاني، اسلم،  ميوو ڀيل جا گهر سڙي رک ٿي ويا آھن، گهرن اندر پيل سمورو سامان سڙي ويو، کٽون بسترا اناج سڙي ويو ڳوٺاڻن پاڻ ڀڄي جانيون بچايون، جڏھن ته فائر بريگيڊ پھچي باھ تي ضابطو آندو ۽ وڌيڪ گھر سڙڻ کان بچائي ورتا، جڏھن ته متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آُهن .