ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 17 ارب ڪرپشن ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم کي وڏو رليف، عدالت ڊاڪٽر عاصم جي درخواست منظور ڪندي ريفرنس واپس نيب جي چيئرمين ڏانهن اماڻي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جوابدارن خلاف گئس ڪمپني ۾ 17 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي دوران جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ فيصلو ٻڌائيندي جوابدارن جي درخواست منظور ڪندي ريفرنس واپس نيب جي چيئرمين ڏانهن اماڻي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم حسين ٻين جوابدارن سان گڏجي پنهنجي پسند جي ڪمپنين کي گيس فراهم ڪئي، جنهن تي جوابدارن جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ايڊوڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته نئون قانون اچڻ بعد هي ريفرنس احتساب عدالت جي دائري ۾ نه ٿو اچي، هي ريفرنس خاص طور تي اختيارن جي غلط استعمال بابت آهي، پر قانون موجب اهو ثابت ڪرڻ ضروري آهي ته اختيار استعمال ڪندڙ شخص ڪو مالي فائدو ته ناھي ورتو، جڏهن ته سوئي ڊي سي ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني سرڪاري ادارا آهن، ڊاڪٽر عاصم سميت ڪنهن به جوابدار گيس فراهم ڪري ڪو بہ غير قانوني ڪم ناهي ڪيو، جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي نئين ترميم اچي وئي آهي، قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو حق آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين پاران احتساب عدالت جي دائري اختيار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو ھو، واضح رهي ته احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جوابدارن جي نيب جي دائرہ اختيار خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.