سکر: نئين سکر بيراج جي پروپزل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيستائين نئون بيراج مڪمل نه ٿو ٿئي، تيستائين هاڻوڪي بيراج جو آبپاشي نظام ساڳي ريت ڪم ڪندو رهندو، جڏهن نئون بيراج مڪمل ٿيندو ته پراڻي بيراج جا سمورا دروازا هٽايا ويندا، جيئن پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ نه اچي، اهو به چيو ويو آهي ته 10 دروازن سامهون هٿرادو ٻيٽ به ختم ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻي حيرت انگيز ڳالهه اها به چيل آهي ته هاڻوڪي بيراج جي سگهه کي ڪو به نقصان ناهي ۽ اهو انتهائي مضبوط آهي، گڏو گڏ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين بيراج ٺهڻ سان واري جي گڏ ٿيڻ وارو مسئلو گهڻي ڀاڱي ساڳي ريت ئي رهندو، ٻي اهم ڳالهه بنا نالا ڄاڻائڻ جي چيو ويو آهي ته نئين بيراج جي وهڪري ۽ ڪينالن کي پاڻي سپلاءِ جي بهتر صلاحيت لاءِ گهربل پانڊ ليول خاطر مٿاهين پاسي موجود تاريخي ٻيٽ مڪمل يا انهن جا ڪجهه حصا ختم ٿي سگهن ٿا ۽ بند به مٿي ڪيا ويندا، ياد رهي ته سکر بيراج جي مٿاهين پاسي هڪ ٻيٽ تي ستين جو آسٿان آهي، ٻيو ٻيٽ ساڌ ٻيلي وارو آهي، ٽيون ٻيٽ بکر جي قلعي وارو آهي ۽ چوٿون ٻيٽ خواجا خضر وارو آهي، روهڙي، نارا، خيرپور ايسٽ ۽ ويسٽ ڪينالن جي نئين حصي جي الائنمنٽ لاءِ روهڙي شهر جي ڪجهه حصن ۽ ڀرپاسي جي آبادي متاثر ٿيندي، ساڳي ريت دادو، رائيس ۽ کيرٿر ڪينالن جي ڪري سکر شهر جي ڀرپاسي آبادي ۽ انفرااسٽرڪچر متاثر ٿيندو.