گذريل اڱاري ڏينهن ناڻي وزير محمد اورنگزيب مالي سال 26-2025 جي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آھي. روزاني پنهنجي اخبار لاءِ جيئن جيئن بجيٽ جون خبرون ٺاهڻ لاءِ بجيٽ دستاويزن سان گڏ فنانس بل جو جائزو وٺندو ويس ته مونکي ايندڙ مالي سال جون بجيٽ تجويزون عام ماڻهن لاءِ ته حڪمرانن طرفان قهري عذاب ۽ انهن جون زندگيون جهنم بنائڻ جهڙيون لڳي رهيون هيون، جڏهن ته بجيٽ تجويزون عام ماڻهن سان گڏ مڊل ڪلاس جي ماڻهن لاءِ انتهائي گهڻيون مصيبتون، پريشانيون کڻي ايندڙ محسوس ٿيون آھن. پيش ڪيل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ نان فائلرن جي ڪيٽيگري کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ان اعلان جو مطلب اهو آھي ته ملڪ اندر هاري هجي يا مزدور، گڏھ گاڏو هلائيندڙ هجي يا ريڙهو هڻي، مٿي تي ٿال کڻي ڇولا کپائيندڙ گهورڙيو هجي، انهن سڀني کي ٽيڪس وارا جمع ڪرائي فائلر ٿيڻو پوندو. پوءِ انهن جي آمدني قابل ٽيڪس هجي يا نه. اگر ڪنهن به شهري گوشوارا جمع نه ڪرايا، اهو شهري ڪابه گاڏي وٺڻ، ملڪيت وٺڻ سان گڏ بينڪ اڪائونٽ کولڻ لاءِ به نااهل تصور ٿيندو. نان فائلر جي ڪيٽيگري ختم ڪرڻ جو مقصد اهو آھي ته ايف بي آر کي ٽيڪس جوڳي آمدني رکندڙن وٽ پهچڻ جي ڪا زحمت ڪرڻ بجاءِ ملڪ جو هر شهري سخت پابندين سبب پاڻ ايف بي آر وٽ پهچي کين گوشوارا فراهم ڪن، جيئن ايف بي آر جي ناڪامي جي سزا غريب ماڻهم سميت ٽيڪس ادا ڪرڻ جيتري آمدني نه رکڻ باوجود هر ماڻهوءَ کي سزا ڏني پئي وڃي. ائين ئي بجلي، گيس سپلاءِ ڪندڙ ڪمپينين جي نااهلين سبب پيدا ٿيل سرڪيولر ڊيٽ کي سرچارج ذريعي عوام کان وصوليون ڪري ختم ڪرڻ جي بجيٽ ۾ تجويز شامل ڪئي وئي آھي. مطلب ته لائين لاسز، بلن جي وصولي ۾ ناڪامي، بجلي گيس چوري سبب پيدا ٿيندڙ سرڪيولر ڊيٽ جي وصولي به هاڻي عوام کان ئي ڪئي ويندي ۽ ناڪام ٿيل آفيسر ۽ نظام آجو هوندو. ائين بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو ٽيڪس سولر پينلز تي به لاڳو ڪئي وئي آھي، جنهن سبب حڪومت جي بي حسي سبب ڊگهي لوڊشيڊنگ جو شڪار ڪروڙين ماڻهن سوڌو اهي ماڻهو جن کي اڃان بجلي جي سهولت ئي نه ملي سگهي آھي، اهي به هاڻي 18 سيڪڙو مهانگو سولر هڻي سولر پکو هلائي سگهندا. حڪومت موتمار گرمي ۾ به عوام کي بنا رڪاوٽ جي بجلي فراهم نه پئي ڪري سگهي. مختلف تاويلن سان 16 کان 18 ڪلاڪن تائين به بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، انهيءَ عذاب کان بچڻ لاءِ ماڻهن کي سستو سولر فراهم ڪرڻ بجاءِ ٽيڪس آمدني وڌائڻ خاطر سولر تي ئي ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو. دنيا ۾ بجلي جي فراهمي بنيادي سهولتن مان هڪ سهولت شمار ڪئي وڃي ٿي. بنيادي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومتن جو بنيادي ڪم ۽ ذميواري هجي ٿي پر پاڪستان ۾ جن ماڻهن کي حڪومت بجلي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام آھي، انهيءَ مامري تي ندامت محسوس ڪرڻ بجاءِ عوام پنهنجا پيسا خرچ ڪري سولر لڳائيندڙ ماڻهن مٿان 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آھي.
زراعت کي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي وانگر تصور ڪيو ويندو آھي. اهو شعبو وڌ ۾ وڌ روزگار جا ذريعا پيدا ڪندڙ به آھي پر انهيءَ شعبي کي هن بجيٽ ۾ ڪا به رعايت نه ڏني وئي آھي. مٿان زرعي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آھي. حڪومت آءِ ايم ايف جي فرمائش تي نه رڳو زرعي آمدني تي ٽيڪس لڳائي آھي پر آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ئي حڪومت ڪڻڪ، ڪمند سوڌو اهم فيصلن جا سرڪاري اگھ مقرر نه ڪرڻ جو به فيصلو ڪندي هارين کي مارڪيٽ جي بي رحم واپارين ۽ مڊل مين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي.
بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڏھ سيڪڙو واڌ ۽ پينشن ۾ پگهارن جيتري واڌ ڪرڻ بجاءِ ست سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آھي. پگهاردار طبقي کي ٽيڪس سليبن ۾ به رعايت ڏني وئي آھي پر ايندڙ مالي سال دوران پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي اڍائي روپيا ڪاربان ليوي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آھي. آئين تحت حڪومت اسيمبلي ۾ هڪ سال لاءِ بجيٽ پيش ڪري منظور ڪرائي سگهي ٿي پر بجيٽ ۾ حڪومت مالي سال 27-2026 لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي ليوي کي وڌائي پنج روپيا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. رڳو ان هڪ تجويز سان هر مهيني سرڪاري ملازمن، مزدور طبقي جي ماهوار اچڻ وڃڻ جي خرچن ۾ جيڪو اضافو ٿيندو، اهو اضافو پگهارن ۾ واڌ کان وڌيڪ هوندو.
بجيٽ جي جائزي وٺڻ دوران مونکي پيش ڪيل وفاقي بجيٽ پنهنجي شهرين جي احساس کان وانجهيل محسوس ٿي. مون لاءِ سڀ کان وڌيڪ حيراني جو سبب اهو به هو جو پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت نجي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ محنت ڪشن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجورو مقرر مقرر ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو. اها حيرانگي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران ناڻي وزير جي ان حوالي سان ڏنل جواب سان ڳڻتي ۾ تڏهن تبديل ٿي وئي، جڏهن ناڻي وزير فرمايو ته گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجوري جو هن سال اعلان نٿا ڪريون، ڇو ته صنعتڪارن کي ان تي اعتراض آھن. سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته اگر مهانگائي جي شرح کي سامهون رکي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي وڃي ٿي ته ڇا مهانگائي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجورو حاصل ڪندڙن لاءِ نه ٿي آھي؟ اگر مهانگائي انهن لاءِ به ٿي آھي ته پوءِ صنعتڪارن جي فرمائش تي هن ڀيري گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجوري ۾ واڌ ڇو نه ڪئي وئي آھي؟ ڇا حڪومت جو اهو فيصلو اهو تاثر پيدا نٿو ڪري ته هي عام ماڻهن، محنت ڪش ۽ مزدورن جي نه پر صنعتڪارن ۽ سيٺين جي مفادن واري حڪومت آھي.
پيش ڪيل بجيٽ جي تجويزن کي ڏسي حڪومت جون ترجيحون واضح نظر اچن ٿيون. عوامي سهولتن جي فراهمي لاءِ مالي مشڪلاتون ۽ ڪفايت شعاري حڪومت کي ياد اچي ويندي آھي پر اشرافيه کي نوازڻ لاءِ اها ڪفايت شعاري حڪومت کي ياد ئي نه هوندي آھي. پيش ڪيل بجيٽ ۾ به وفاقي حڪومت ڪفايت شعاري واري اعلان کي نظرانداز ڪندي ڪابينا جي جاري خرچن ۾ ٻيڻ تي اضافي جي تجويز شامل ڪئي آهي. جنهن مطابق پگهارن ۽ مراعتن جي لاءِ ڪابينا جي بجيٽ 35 ڪروڙ 18 لک کان وڌائي 68 ڪروڙ 87 لک ڪرڻ جي تجويز آهي. وفاقي ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۽ مراعتن جي لاءِ بجيٽ 27 ڪروڙ کان وڌائي 50 ڪروڙ 54 لک ڪرڻ جي تجويز آهي. وزير اعظم جي صلاحڪارن جي پگهارن ۽ مراعتن لاءِ بجيٽ 3 ڪروڙ 61 لک روپين مان وڌائي 6 ڪروڙ 31 لک ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. وزير اعظم جي خاص معاونن لاءِ پگهارن ۽ مراعتن جي مد ۾ بجيٽ 3 ڪروڙ 70 لک روپين مان وڌائي 11 ڪروڙ 34 لک روپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. ائين ايندڙ مالي سال ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي بجيٽ ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو ويو آهي. قومي اسميبلي جي بجيٽ ۾ ايندڙ سال 28 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. ايندڙ مالي سال ۾ قومي اسيمبليءَ جو بجيٽ وڌائي 16 ارب 29 ڪروڙ روپيا ڪيو ويو آهي. هلندڙ مالي سال ۾ قومي اسيمبليءَ جي بجيٽ 12 ارب 73 ڪروڙ روپيا هئي. سينيٽ جي بجيٽ ۾ ايندڙ سال 25 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. سينيٽ جو ايندڙ سال لاءِ بجيٽ 9 ارب ساڍا 5 ڪروڙ روپيا رکيو ويو آهي. هلندڙ سال ۾ سينيٽ جي بجيٽ 7 ارب 24 ڪروڙ روپيا هئي. پر عام ماڻهن جي سهولت ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن کي روزگار فراهمي لاءِ حڪومتي ترجيح جو ناڻي وزير جي هن اعلان ته 40 هزار خالي پوسٽن کي ختم ڪيو ويو آھي، جڏهن ته هن وقت تائين وفاقي ڪابينا ڏهن وزارتن جي رائيٽ سائيزنگ جي منظوري ڏني آھي، جيڪي عملدرآمد جي مرحلي ۾ آھن. ڇهن ڊويزنن کي ضم ڪري ٽي ڊويزون بنايون ويون آھن. 45 ڪمپنين ۽ ادارن جي نجڪاري يا کين ضم يا بند ڪيو پيو وڃي. لڳ ڀڳ 40 هزار خالي پوسٽن کي ختم ڪيو ويو آھي. ايندڙ ڏهن وزارتن جي لاءِ رائيٽ سائيزنگ جي سفارشن کي به حتمي صورت ڏني وئي آھي، جڏهن ته وڌيڪ اٺن وزارتن جي رائيٽ سائيزنگ ڪرڻ جي حوالي سان تجويز غور هيٺ آھي.
وفاقي بجيٽ ۾ ڊيري، ميڊيڪل ۽ سرجيڪل شعبي جي مشينري تي ٽيڪسن ۾ واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ٽيڪسن ۾ اضافي سبب کير، فرنيچر ڪينولا تيل، ڏهي، گوشت، ڪڪڙ، آنا، پکا، پولٽري شيڊز، جانورن جي فيڊ ۽ مشينري تي ٻه سيڪڙو واڌ جي تجويز شامل ڪئي وئي آھي، ڊيري اوزارن تي 3 سيڪڙو ٽيڪس، ڪينولا، سرنج، باھ وسائڻ وارن اوزارن، جم جي سامان تي به ٽي کان پنج سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آھي. کير جي پروسيسنگ پلانٽ جي درآمد تي ٻه سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آھي، جنهن سبب ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آھن ۽ ائين وفاقي بجيٽ ۾ ڊجيٽل انوائيس تحت اليڪٽرانڪس مصنوعات تي 0.25 سيڪڙو، ڪپڙن جي خريداري تي ٻه سيڪڙو ٽيڪس لاڳو، ايمپلي فائرز، پروجيڪٽرز، اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزارن تي به 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو، امپورٽيڊ چاڪليٽ، ڪافي، ڪتن، ٻلين جي خوراڪ، هر قسم جي آن لائين خريداري تي ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آھي.
پيش ڪيل وفاقي بجيٽ مطابق ايندڙ مالي سال دوران ڪل آمدني جو تخمينو 19278 ارب روپيا لڳايو ويو آھي، جنهن مان اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي 8206 ارب منتقل ڪرڻ بعد وفاق وٽ باقي 11072 ارب روپيا بچندا. جڏهن ايندڙ مالي سال دوران وفاقي حڪومت جي ڪل خرچن جو تخمينو 17573 ارب روپيا لڳايو ويو آھي. جنهن جو مطلب ته وفاقي حڪومت کي بجيٽ تخميني تحت اگر ٽيڪس آمدني حاصل به ٿي وڃي، تڏهن به وفاقي حڪومت کي 6501 ارب روپين جا قرض حاصل ڪري ايندڙ مالي سال گذارڻو پوندو. اهو ڏٺو ويو آھي ته هر سال وڏو ٽيڪس ٽارگيٽ بجيٽ ۾ تجويز ڪري بجيٽ تيار ڪئي وڃي ٿي پر اهو ٽيڪس ٽارگيٽ جو هدف حاصل ئي نٿو ٿئي، جنهن سبب وفاق سان گڏ صوبن جي بجيٽ جو به مهانڊو مَٽجي وڃي ٿو. مثال طور هن 30 جون تي ختم ٿيندڙ مالي سال دوران صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت 7473 ارب منتقل ٿيڻا هئا پر صوبن جي حصي مان ٽيڪس وصوليون گهٽ ٿيڻ جو عذر ڄاڻائي 441 ارب جي ڪٽوتي ڪئي وئي آھي. ترقياتي بجيٽ جون ترجيحون به پيش ٿيل بجيٽ ۾ عجيب نموني تبديل ٿيل نظر اچي رهيون آھن .