اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف جو وفد اقتصادي جائزي لاءِ اڄ پاڪستان پهچڻ جو امڪان آھي، ذريعن ٻڌايو آھي ته آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان ۾ اقتصادي جائزي لاءِ 15 مارچ تائين مختلف حڪومتي اختيارين سان مسلسل ملاقاتون ڪندو، پهرين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪي ۽ ٻئي مرحلي ۾ پاليسي بابت ناڻي، رٿابندي، توانائي وزارتن سوڌو مختلف عملدارن سان ڳالهيون ٿينديون، ذريعن مطابق ان مقصد لاءِ 9 رڪني وفد نيٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پهچندو، آءِ ايم ايف وفد ايندڙ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ تجويزن بابت پنهنجي شرطن کان به حڪومت کي آگاهه ڪندو، جن بابت حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وفد  وچ ۾ ڳالهين جي روشني ۾ بجيٽ تجويزن کي حتمي صورت ڏني ويندي، آءِ ايم ايف وفد اڳيان حڪومت پاران پگهاردار طبقي کي ٽيڪسن ۾ رليف ڏيڻ بابت تجويزون پيش ٿينديون پر ملازمن کي ٽيڪسن ۾ رليف آءِ ايم ايف جي رضامندي بعد ئي ملي سگهندو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد جون ايف بي آر ، اوگرا ،نيپرا ،سميت مختلف ادرن ،وزارتن سان ملاقاتن کانسواءِ پنجاب ، سنڌ ، ڪي پي ڪي  ۽ بلوچستان صوبن سان به ڌار ڌار ملاقاتون ٿيڻ جو امڪان آھي.