نئين بجيٽ، پراڻي ڪھاڻي ۽ مھانگائيءَ جو طوفان

0
28
نئين بجيٽ، پراڻي ڪھاڻي ۽ مھانگائيءَ جو طوفان

پاڪستاني جي سالياني بجيٽ، انگن اکرن جو اھڙو منجھيل ڌنڌو آھي، جنھن کي ٻڌڻ کان پوءِ به خبر ڪانه پوندي آھي ته ڪنھن کي نقصان ۽ ڪنھن کي فائدو پيو ڏنو وڃي. ھر سال وانگر ھن سال به بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ۾ ھن ملڪ جي عوام کي ٻڌايو ويو آھي ته ھن وقت ملڪ معاشي طرح تمام گھڻي ڏکي صورتحال مان گذري رھيو آھي. پيپلز پارٽي ھن سال جي بجيٽ تقرير ۾ شرڪت جو ٽوڪن بائڪاٽ ڪري نون ليگ کي اکيون ڏيکاريون آھن ته ٻئي طرف ھن بجيٽ جي نتيجي ۾ مھانگائيءَ جو جيڪو طوفان ايندو، انھيءَ کان ٿيندڙ سياسي نقصان کان پاڻ کي الڳ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

                 ھر دفعي وانگر ھن دفعي به حڪمرانن چيو آھي ته اسان جي حڪومت ڪوشش ڪري ملڪ کي ڏکي صورتحال مان ڪڍي ويندي. پر اھا ڏکي صورتحال صرف عوام جي لاءِ ڇو؟ اسان ته ھر سال ھن ملڪ جي حڪمرانن کي سدائين عيش ڪندي ڏٺو آھي. سندن اولاد ملڪ کان ٻاھر رھي ٿو، اتي تعليم حاصل ڪري ٿو ۽ سندن گھر، بنگلا ۽ ڪاروبار ٻاھرين ملڪن ۾ آھن. سياسي حڪمرانن، وڏن ڪامورن ۽ اسٽيبلشمنٽ وارن جو علاج ھن ملڪ جي وڏين مھانگين پرائيويٽ اسپتالن ۾ ٿئي ٿو يا علاج خاطر يورپ ۽ آمريڪا جي اسپتالن ۾ وڃيو داخل ٿين. سندن رھڻي ڪھڻي اھڙي آھي جو نٿو لڳي ته ھي ملڪ غريب آھي. پوءِ ھي غربت ۽ مفلسي صرف عوام جي حصي ۾ ڇو آئي آھي. غربت ڪا ٽي بي وانگر وچڙندڙ بيماري ڪانه آھي جو ھن ملڪ جي ھارين، مزدورن، ننڍن ملازمن ۽ وچولي طبقي جي 80 سيڪڙو آبادي کي اھا بيماري لڳي وئي آھي، جنھن جي ڪري ھن ملڪ ۾ 40 سيڪڙو آبادي غربت جي عالمي طرح طئي ٿيل لڪير کان به ھيٺ بدتر زندگي گذاري پئي.

پاڪستان ۾ سياسي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمنٽ جي ادارن گذريل 76 سالن ۾ ھن ملڪ جي اھڙي ته ڦرلٽ ڪئي آھي جو مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن جو اسان جي ملڪ تي 131 ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ قرض چڙھي ويو آھي. ملڪي بينڪن ۽ ٻين ادارن جو قرض 43 کرب رپين کان به وڌيڪ آھي. ھن ختم ٿيندڙ مالي سال ۾ ھن وقت تائين 8 کرب رپيا صرف قرضن جي قسط ۾ جمع ڪرايا ويا آھن. جڏھن ته پيٽرول ليوي ڇڏي ڪري باقي تقريبن ايترائي پئسا انڪم ٽيڪس جي مد ۾ گڏ ٿيا آھن. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب اڱاري ڏينهن پاڪستان اڪنامڪ سروي 24-2023ع جي پڌرائي ڪندي اعلان ڪيو ته پاڪستان جي معيشت مشڪل حالتن جي ڪري گذريل بجيٽ ۾ مقرر ڪيل ڪافي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي پر زرعي شعبي ۾ بي مثال ترقي حاصل ڪئي. سندس چوڻ مطابق زرعي شعبي 6.25 سيڪڙو ترقي ڪئي، اھا ترقي 19 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. انھيءَ زرعي ترقيءَ جي ڪري سال 2024 ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي جي غير متوقع طرح 2.38 سيڪڙو واڌ ڪئي، جڏھن ته انھيءَ کان اڳ واري سال جي ڊي پي ڪاٽو 0.21 سيڪڙو ھئي. پر ساڳي وقت حڪومت، ادارن ۽ واپارين ھن سال آبادگارن سان ڪڻڪ جي معاملي ۾ جيڪا ناانصافي ڪئي آھي، انھيءَ جو به گذريل 19 سالن ۾ ڪو مثال ڪونه ٿو ملي. سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جو ھاري ۽ ننڍا آبادگار کيڙي پوکي جي خرچ، ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جي اگھن جي ڪري پريشان آھن، مٿان وري محنت سان پوکيل فصلن جو کين صحيح اگھ به نه ملي ته انھيءَ جو ذميوار ڪير؟ ھن وقت ھاري ۽ کيت مزدور جي انھيءَ سنڌي شعر واري حالت آھي ته، “ڪپڙا ڦاٽل تن تي پاتل، ليڙون ليڙون پوتي ڙي، ڏکيا منھنجا ڏوٿي ڙي”.

جڏھن کان پاڪستان جي معاشي مرضن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ذميواري اسٽيبلشمنٽ، حڪمرانن، آئي ايم ايف ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن گڏجي کنئي آھي، ته صورتحال بھتر جي بجاءِ بدتر ٿي وئي آھي، خاص طرح سماجي ترقي جا اھم شعبا نظر انداز ٿي ويا آھن. اڄ کان 40 سال اڳ ۾ پاڪستان ۾ في پرائمري اسڪول ۾ تقريبن 11 سئو ٻار هئا. اڄ اهو انگ وڌي ويو 15 سئو ٻار ٿي ويو آھي. ساڳي طرح مڊل اسڪول ۽ ھاءِ اسڪولن ۾ 40 سالن اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻار وڌيڪ ۽ اسڪول گھٽ آھن. اھو به ھڪڙو وڏو سبب آھي اسان وٽ تعليم جي گھٽتائي ۽ ٻارن جي غير حاضري جو. ڇاڪاڻ ته وڌندڙ آبادي جي حساب سان سرڪاري اسڪولن جو تعداد گھٽجي پيو ۽ پئسي وارا پنھنجن ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ موڪلين پيا ۽ غريبن جا ٻار تعليم کان محروم پيا ٿين.

صحت جي شعبي جي به صورتحال مختلف ڪانه آھي. 40 سال اڳ ملڪ جي هر اسپتال ۾ ڏيڍ لک ماڻهن کي علاج جي سھولت ملندي ھئي، پر ھاڻي تقريبن 2 لک ماڻھن لاءِ ھڪ اسپتال آھي. آئي ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ انساني بنيادي حقن وارن شعبن جي بجيٽ ۾ خاطر خواھه اضافو ڪونه ڪيو ويو، پر ساڳي وقت ھن دفعي ملڪ جي دفاعي بجيٽ وڌائي 2 ھزار ارب رپين کان وڌيڪ رکي وئي آھي. آئي ايم ايف جڏھن سرڪاري خرچن کي گھٽائڻ جي تجويز ڏئي ٿي ته ڪٽوتي جي ڪاتي عوامي ڀلائي واري بجيٽ مٿان ڪري ٿي. ھن نئين بجيٽ مان لڳي ائين ٿو ته حڪومت ھڪ طرف آئي ايم ايف کي راضي ڪرڻ چاھي ٿي، ته ٻئي طرف سرڪاري ملازمن ۽ طاقتور معاشي گروھن کي گھڻو ناراض ڪرڻ نٿي چاھي. اھوئي سبب آھي جو سرڪاري ملازمن جي پگھار ته وڌائي وئي آھي، پر ٻئي طرف سندن ٽيڪس جا سليب تبديل ڪري واڌو ملندڙ پئسن جو وڏو حصو واپس ورتو ويو آھي. بجيٽ تي بحث دوران آئي ايم ايف جون نيون نيون ڪٽوتين ۽ ٽيڪسن مڙھڻ جون فرمائشون اينديون، جيڪي ھن ملڪ جا اصلي ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل حڪمران ضرور پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

ھن بجيٽ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 60 رپين کان وڌائي 80 رپيا ڪئي وئي آھي. دڪاندارن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ ڪارخانيدارن کي حڪم ڏنو ويو آھي ته دڪاندارن کان 2 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس ڪٽين. اھا تجويز اڻسڌي طرح سيلز ٽيڪس کي 18 کان 20 سيڪڙو ڪري ڇڏيندي، ڇاڪاڻ ته دڪاندار پئسن جي اوڳاڙي خريدارن کان ڪندا. انھيءَ جي ڪري ھن بجيٽ ۾ بنيادي طرح عوام تي اڻسڌن ٽيڪسن جو بار وڌندو. مھانگائي جي ھن طوفان ۾ وچولو طبقو ۽ غريب پيڙجي ويندا. پگھارون سرڪاري ملازمن جون ته وڌنديون، پر پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جون پگھارون ته ڪونه وڌنديون، جڏھن ته ھنن کي وڌيڪ سڌا ۽ اڻسڌا ٽيڪس ڀرڻا پوندا.

ھن بجيٽ ۾ سڀني تي ٽيڪس وڌايا ويا آھن، پر پراڻي لوھ جي خريداري ۽ ڪارخانن ۾ استعمال تان ٽيڪس معاف ڪيو ويو آھي. پاڪستان ۾ لوھ جي ڪاروبار ۾ ڪجھ سياسي گهراڻا شامل آھن، لڳي ٿو ته ھنن پنھنجو فائدو حاصل ڪيو آھي. ساڳي طرح ھن بجيٽ جي تجويز ۾ وڏن جاگيردارن کي ٽيڪس کان بچايو ويو آھي. ھن بجيٽ ۾ چڱيون تجويزون اھي آھن ته 5 ھزار صحافين کي صحت ڪارڊ ملندا، سولر پينل ۽ بيٽرين ٺاھڻ واري مشنري تان ٽيڪس معاف ٿيندو ۽ پينشن 15 سيڪڙو وڌندي.

ھن نئين بجيٽ جي تجويزن جو تت اھو بيھندو ته ڪپڙن ۽ بوٽن کان وٺي کير ۽ تيل تائين، روزمره جي ضرورتن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪافي گھڻين شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آھي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪري ٻئي هٿ کان واپس وٺڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سيمنٽ ۽ ٻئي سامان جي مھانگي ٿيڻ ڪري گهرن جي تعمير وڌيڪ مهانگي ٿي ويندي. پيٽرول مصنوعات جي مھانگي ٿيڻ سان سفر کان وٺي ھر شئي مھانگي ٿي ويندي. بجلي ۽ گئس جي مھانگي ٿيڻ سان ماڻھن کي زندگي گذارڻ مشڪل ٿي پوندي ۽ وڌيڪ خودڪشيون ڏسڻ ۾ اينديون. ھن بجيٽ ۾ پرائيويٽ ادارن جي ملازمن کي به مڪمل نظرانداز ڪيو ويو پر انهن کان ٽيڪس وصولي جي شرح به تبديلين سان وڌي وئي. ھن بجيٽ ۾ ٻيا به ڪيترا لڪل عوام دشمن فيصلا آھن، جن جو اثر مھانگائي تي پوندو.

هن تجويز ڪيل بجيٽ ثابت ڪيو آھي ته ھي حڪمران عوام جي ووٽ تي چونڊيل نه پر فارم 47 جي پئداوار آھن ۽ سندن مقصد صرف ۽ صرف آئي ايم ايف کي خوش ڪرڻ ۽ پنھنجن آقائن جي خدمت ڪرڻ آھي. ھن بجيٽ اڳ ۾ ئي پريشان ملازمن، پورهيتن، عام شهرين کي ته وڌيڪ ڏکين حالتن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. ھن ملڪ جي حڪمرانن کي اھو به ڏسڻ گھرجي ته دنيا ۾ خاص طرح ارجنٽائين ۾ عوام دشمن معاشي ايمرجنسي خلاف گذريل ڪجھ ڏينھن کان وڏا عوامي احتجاج پيا ٿين، جنھن جي ڪري ارجنٽينا جي صدر جيوير ملي کي سندس ملڪ ۾ پرائيويٽائزيشن جي عمل کي روڪڻو پيو آھي. پينشن ۽ پگھارن گھٽائڻ واري سندس پاليسي بحث ھيٺ آھي.