نئين بجيٽ، حڪمرانن لاءِ عياشيون ۽ عوام لاءِ مهانگائيءَ جو تحفو !

0
48
نئين بجيٽ، حڪمرانن لاءِ عياشيون ۽ عوام لاءِ مهانگائيءَ جو تحفو !

اسرائيل- ايران جنگ ۽ آمريڪا جي ايران جي ايٽمي اڏاوتن تي حملن اسانجو ڌيان ملڪي مسئلن تان گهڻو هٽائي ڇڏيو. انهيءَ صورتحال حڪومت کي مدد ڪئي آهي ته اها پنهنجي مرضي جا ڪم آساني سان ڪري وٺي. انهيءَ ۾ نئين سال جي بجيٽ جي منظوري به شامل آهي. هر سال جڏهن نئين بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندي آهي، تڏهن سرمائيدار ڏسندا آهن ته ڪهڙن اسمن تي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ملي ۽ ڪهڙا ٽيڪس وڌيا. سرڪاري ملازم پگهارن جي اضافي واري حصي تي غور ڪندا آهن ۽ رٽائرڊ ملازم پينشن جي اضافي تي. هر بجيٽ ۾ دڪاندار، ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪندڙ، اسيمبلين ۾ ويٺل جاگيردار ۽ ملڪ جا اصل حاڪم ٽيڪسن کان ته بچي ويندا آهن، پر مورڳو کين هر بجيٽ اندر ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ۽ فائدا ڏنا ويندا آهن. هر سال ٿيندڙ انهيءَ انگن اکرن جي راند ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جا ڪٽنب سڌن يا اڻسڌن ٽيڪسن جي گهاڻي ۾ پيڙبا آهن. انهيءَ عوام دشمن بجيٽن جو نتيجو آهي جو ورلڊ بئنڪ جا شايع ٿيل انگ اکر ٻڌائين ٿا ته پاڪستان جي آبادي جو 44 ڏهائي 7 سيڪڙو فرد غربت جي عالمي لڪير کان هيٺ زندگي گذارين ٿا ۽ رپورٽ موجب، تقريبن 16 سيڪڙو انتهائي غربت جي زندگي گذارين ٿا. انهن انگن اکرن جي معنيٰ ته 10 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي غربت واري زندگي گذاري پئي ۽ 4 ڪروڙ آبادي انتهائي غربت واري زندگي گذاري پئي. هي رپورٽ 2019 جي سروي تي ٻڌل آهي ۽ انهيءَ ۾ تازو مهانگائي سبب غربت جي لڪير 4 ڊالر کان گهٽ روزانو ڪمائي تي مقرر ڪئي وئي آهي. هنن انگن اکرن ۾ 2022 جي ٻوڏ کانپوءِ ٿيل نقصانن ۽ آئي ايم ايف جي حڪم تي پيش ڪيل ظالماڻي بجيٽن سبب غربت ۾ اضافي جا انگ اکر شامل ڪونه آهن. امڪان آهي ته هاڻي ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي پئي گذاري.

رپورٽن ۾ لکيل لفظ ته تقريبن 45 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي پيا گذارين، جذبن ۽ احساسن کان خالي اکر آهن. انهن لفظن جي پڙهڻ کانپو دل ۽ دماغ کي هڪ پل لاءِ به جهوٻو ڪونه ٿو اچي ته اها غربت واري زندگي ڪهڙي هوندي آهي. پر جڏهن انهيءَ زندگي مان گذرڻو پوي يا اها بي رحم غربت ڪنهن شڪل ۾ اوهان جي سامهون خاموشي سان اچي بيهي رهي ته پوءِ احساس ٿئي ٿو ته اها غربت ڇا آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ اسانجو پراڻو واقفڪار، گهرن کي رنگ ڪرڻ جو ماهر ڪاريگر، ڪولهي مستري مون سان ملڻ آيو. سندس هڪ ٻانهن تي پٽو چڙهيل هو، منهن تي ڪافي ڌڪن جا نشان هئا ۽ ڪافي پريشان ٿي لڳو. آئون کيس ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيس ۽ حال احوال ورتامانس. سندس چوڻ مطابق ته مهينو اڳ هڪ بنگلي جي ڇت کي رنگ ڪندي هو ڪِري پيو، جنهن ۾ سندس ٻانهن ڀڄي پئي ۽ منهن تي ڪافي ڌڪ لڳا. ٺيڪيدار مهرباني ڪئي جو حيدرآباد سول اسپتال ۾ کڻي ويو، سندس پٽن کي به فون ڪري اسپتال ۾ گهرائي ورتائين ۽ پنج هزار علاج لاءِ ڏئي ويو. پر هن ڌڪ لڳڻ جي ڪري مهيني کان بيروزگار ٿي ويو آهي، رنگ نٿو ڪري سگهي ۽ سندس 15 سئو رپيا ڏهاڙي بند ٿي وئي آهي. هن جي ڪوشش هئي ته سندس پٽ پڙهن ۽ بهتر زندگي گذارين پر هاڻي گهر جي خرچ هلائڻ جي لاءِ سندس ٻن وڏن پٽن پڙهائي ڇڏي ڏني آهي. هڪڙو هاڻي 20 هزار مهيني تي بيڪري ۾ ڪم پيو ڪري ۽ ٻيو ڏهاڙي تي مزوري پيو ڪري، جيڪا ڪڏهن کيس ملي ٿي، ڪڏهن ڪانه ٿي ملي. مون کائنس سندس وڏي ڀاءَ جو پڇيو، جيڪو رازڪو ڪم ڪندو آهي، مون وٽ به ڪم ڪيو هئائين ۽ ننڍي ڀاءَ جو به پڇيم، جيڪو ڊرائيور هو. انهيءَ پڇڻ تي سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ ٻڌايائين ته ٻئي وات جي ڪينسر جي ڪري فوت ٿي ويا. اهي ٻئي مين پڙي کائيندا هئا ۽ ڪئنسر جي خبر پوڻ کان پو سرڪاري اسپتالن ۾ علاج خاطر ڌڪا کائيندا خاموشي سان مري ويا. هڪڙي جا پٽ گهرن ۾ نوڪري پيا ڪن ۽ ٻئي جي گهرواري گهرن جا ڪم پئي ڪري، ڇو ته کيس ڪوبه پٽ ڪونه هو. هن بجيٽ ۾ اهڙن لکين مزدورن، مسترين ۽ ڪاريگرن جي لاءِ ڇا آهي؟ هنن جي زندگي ڪيئن بهتر ٿيندي؟ کين سرڪاري اسپتالن ۾ سٺو علاج ڪڏهن ملندو؟ سندن ٻارن کي بهتر ۽ مفت تعليم سرڪاري اسڪولن ۾ ڪڏهن ملندي؟ بجيٽ ۾ ته تعليم ۽ صحت جي لاءِ نالي ماتر پئسا رکيا ويا آهن. تازو ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل ڪراچي جي ڪيس اسٽڊي ۾ به رپورٽ ڪيو ويو آهي ته، “عبدالله 50 سالن جي عمر ۾ آهي ۽ ڏهاڙي تي ڪمائيندو آهي. سندس هڪ ڌيءَ آهي، جيڪا ٻين جي گهرن ۾ ننڍا ننڍا ڪم ڪندي آهي. عبدالله کي هر روز ڪم نٿو ملي، جنهن ڪري هو سراسري طرح مهيني ۾ رڳو 20,000 رپيا ڪمائي سگهي ٿو. هن جي ڌيءَ جي 25,000 رپين جي آمدني گڏجڻ کانپوءِ به ناڪافي آهي. ڇاڪاڻ ته سندن هڪ ڪمري واري گهر جي مسواڙ تي 10 هزار خرچ ٿين ٿا، باقي 35,000 رپين سان ٽن ماڻهن لاءِ مناسب خوراڪ، يوٽيلٽي بل ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪرڻ تمام ڏکيو آهي”. جيڪڏهن هنن مان ڪنهن هڪ سان به ڪو حادثو ٿيو ته پوءِ شايد پنڻ تي مجبور ٿي وڃن.

هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت فوج جي آفيسرن جي پگهار 50 سيڪڙو ۽ نان ڪميشنڊ اسٽاف جي پگهار 20 سيڪڙو وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن جي لاءِ 200 سيڪڙو اضافي واري بجيٽ رکي وئي آهي. سينيٽ جي چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جون پگهارون ته هنن پاڻ 500 سيڪڙو وڌائي ڇڏيون آهن. باقي سرڪاري ملازمن جون پگهارون 10 سيڪڙو ۽ پينشنرن جي پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو آهي. باقي وفاقي بجيٽ ۾ پورهيتن جي 37 هزار رپيا ماهوار ۾ واڌاري جو ڪوبه اعلان ڪونه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سرمائيدار مزدورن کي اها پراڻي گذريل سال واري پگهار ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونه آهن.

اسانجي حڪمرانن کي وڌندڙ غربت ۽ غريبن جي زندگي جو احساس ڪونه آهي، بلڪه شايد خوش آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ملڪ ۾ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ غريب آهن ۽ 4 ڪروڙ ماڻهو سخت غربت جو شڪار آهن ته پوءِ اميرن کي سستا مزدور ملندا ۽ هنن جا ڪارخانا، گهر، آفيسون سستي مزدورن سبب گهٽ خرچ تي هلنديون. جڏهن به وڌندڙ غربت جي ڳالهه اچي ٿي، تڏهن پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جا حڪمران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ذڪر ڪن ٿا ته انهيءَ مد ۾ بجيٽ وڌائي وئي آهي. پر اسانجي آڏو ڪيترا مثال آهن ته سنڌ ۾ ڪافي انتهائي غريب گهراڻن کي به انهيءَ سپورٽ پروگرام مان پئسا ڪونه ٿا ملن. ساڳي وقت جيڪا هن وقت ننڍي وچولي طبقي جي صورتحال، انهيءَ جو حل ۽ مدد به هن پروگرام ۾ شامل  ڪونه آهي. انهن گهراڻن جي بهتر زندگي لاءِ ضروري آهي ته سرڪاري طرح سان سٺي تعليم، علاج ۽ روزگار جي سهولت موجود هجي. سوال آهي ته جڏهن تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ترقيءَ ۽ صحت جي مد ۾ خرچ جو سيڪڙو گهٽجي رهيو آهي، ۽ ساڳي وقت اشرافيه جي فضول خرچين، ٽيڪس رعايتن، ۽ فوجي خرچن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ته پوءِ هيءَ ترقي ڪهڙي؟ يونيسڪو جي مطابق تعليم تي گهٽ ۾ گهٽ 4.0 سيڪڙو جي ڊي پي خرچ ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان صرف ان جو به پنجون حصو خرچ ڪري ٿو. جڏهن حڪومت 18.5 کرب رپين جو بجيٽ پيش ڪري ٿي ته سوال اهو پئدا ٿئي ٿو ته اها بجيٽ ڪهڙن ماڻهن لاءِ آهي؟ ڇا اها حڪمران طبقن ۽ اسٽيبليشمنٽ جي لاءِ آهي يا انهن ڪروڙين ماڻهن لاءِ، جيڪي ورلڊ بئنڪ جي تازي رپورٽ مطابق غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگيءَ گذاري رهيا آهن؟ بجيٽ 26-2025 حقيقت ۾ ايتري ته بي رحم آهي، جو اها نه رڳو معيشت جي بي حسيءَ کي وائکو ڪري ٿي، پر اها اهو به ثابت ڪري ٿي ته رياست جي نظر ۾ غريب انسان جي ڪا به جاءِ ناهي. جڏهن دفاع لاءِ 2.55 کرب رپيا ۽ اپوزيشن طرفان تجويز ٿيل 26 ارب رپين جون ڪٽوتيون به نامنظور، قرضن جي واپسي لاءِ اڌ بجيٽ ۽ تعليم لاءِ رڳو 112 ارب رپيا رکيا وڃن، ته پوءِ اهو چئي سگهون ٿا ته اها معاشي ترقي واري بجيٽ نه پر حڪمرانن جو پاڻ کي فائدا ڏيڻ واري بجيٽ آهي. پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ جو سروي به ڇرڪائيندڙ آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته سندن پاڪستان ۾ غربت گهٽائڻ واري پروگرام ۾ پنجاب اندر تقريبن 80 سيڪڙو فنڊ، سنڌ ۾ 12 سيڪڙو، خيبر پختونخوا ۾ 6 سيڪڙو ۽ بلوچستان صوبي ۾ 2 سيڪڙو فنڊ خرچ ڪيا ويا آهن. غربت سڀني صوبن کان وڌيڪ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پر پئسا پنجاب ۾ خرچ، پاڪستان جو ڪار وهنوار ائين هلي ٿو.

انهن ڳالهين کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته بجيٽ 26-2025 حڪمرانن جي فضول خرچين، سهولتن، حڪمرانن جي عياشين، ۽ ادارن جي بي لغام خرچن کي تحفظ ڏئي ٿي، پر غريبن، پورهيتن، مسترين، ننڍن ملازمن لاءِ ان ۾ نه ته ڪا آس آهي نه اميد، نه سهارو، نه ئي ڪو واعدو. ساڳي ريت ننڍن صوبن سان به ناانصافي ٿيندي رهندي. هي بجيٽ ان ظالماڻي نظام جو تسلسل آهي، جنهن ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور جا ٻار اسڪول ڇڏڻ تي مجبور، ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ بي يار و مددگار مريض، فقط انگن اکرن جو حصو بڻجي رهيا آهن. جڏهن حڪمران پنهنجين پگهارن ۾ سوين سيڪڙو واڌ ڪندا، ۽ غريب مزدورن لاءِ ڪا به واڌاري جي ڳالهه نه ٿيندي، نوان روزگار جا موقعا نه نڪرندا ته پوءِ اها بجيٽ نه، پر بي حسيءَ ۽ ناانصافيءَ جو هڪ اعلان نامو بڻجي وڃي ٿي. اڄوڪي رياست غريبن لاءِ رڳو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تائين محدود ٿي چڪي آهي، جڏهن ته تعليم، صحت، ۽ روزگار جهڙن بنيادي حقن تي ڌيان ڏيڻ جو ڪو به ارادو نظر نٿو اچي. سوال اهو آهي ته جڏهن بجيٽ جو وڏو حصو حڪمرانن، فوجي خرچن ۽ قرضن جي واپسي لاءِ هجي، ۽ غريبن لاءِ رڳو خيرات جو طرز عمل اختيار ڪيو وڃي، ته پوءِ اها ترقيءَ جي بجيٽ ناهي، پر حڪمرانن لاءِ رياست جي وسيلن جي ورڇ جو ناني ويڙهو آهي.