نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري وارو معاملو ڇو ٽنگجي ويو؟

0
97
نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري وارو معاملو ڇو ٽنگجي ويو؟

 سنڌ ۾ نئين آءِ جي جي مقرري واري معاملي تي ماضي ۾ صوبائي سرڪار ۽ وفاقي سرڪار ۾ اختلاف ٿيندا رهيا آهن پر هي پهريون ڀيرو آهي جو  سنڌ حڪومت طرفان غلام نبي ميمڻ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ لاءِ وفاق کي اماڻيل سمري تي  سنڌ سرڪار پاڻ ئي عملدرآمد روڪرايو آهي. هفتو ٻه اڳ وڏي وزير جي هدايتن تي ايس اينڊ جي اي ڊي طرفان وفاق کي اها سمري اماڻي وئي هئي. ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ ڪابينا اڃا نه ٺهي هئي، ان وقت مشتاق مهر ۽ غلام نبي ميمڻ جي نالن تي غور ويچار بعد وڏي وزير غلام نبي ميمڻ جو نالو وفاق کي اماڻيو هو. ذريعن موجب غلام نبي ميمڻ جي نالي تي اعتراض سنڌ ڪابينا ٺهڻ بعد سامهون آيو، اعتراض ڪندڙ ڪو ٻيو نه پر سنڌ جو گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار آهي. ضياءُ الحسن لنجار چاهي ٿو ته ڇاڪاڻ ته هوُ گھرو وزير آهي، ان ڪري آءِ جي سنڌ جي مقرري به سندس مرضي سان ٿيڻ گھرجي. بار ڪائونسل جي افطار ڊنر بعد هڪ صحافي دوست نيٺ ضياءُ الحسن لنجار کان پڇي ورتو ته غلام نبي ميمڻ جي نالي تي اوهان جا ڪهڙا اعتراض آهن؟ گھرو وزير سوال جو سڌو جواب ڏيڻ بدران چيو ته موجوده آءِ جي برقرار رهندو يا وري غلام نبي ميمڻ آءِ جي سنڌ ٿيندو، اهو جلد واضح ٿي ويندو. يعني اڃا تائين ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگھيون آهن. 80 سيڪڙو امڪان آهن ته غلام نبي ميمڻ جو نالو ئي فائنل ٿئي، ڇاڪاڻ ته ميمڻ صاحب وڏي وزير جو فيورٽ آفيسر آهي، جيڪڏهن گھرو وزير مطمئن نه ٿي سگھيو ته پوءِ جاويد عالم اوڍو، ۽ مشتاق مهر مان ڪنهن جو به ڪُڻو نڪري سگھي ٿو.

هن وقت گھڻا امڪان  غلام نبي ميمڻ جا آهن، ميمڻ صاحب 2 ڀيرا ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي رهيو ۽ 14 مهينا 17 ڏينهن سنڌ جو آءِ جي رهيو، سندس نالو سنڌ پوليس جي سٺن آفيسرن ۾ شمار ٿئي ٿو، ان ڪري عوام کي وڏيون اميدون هيون ته سندس دور ٻين کان مختلف ۽ بهتر رهندو پر ائين نه ٿي سگھيو. اها حقيقت آهي ته غلام نبي ميمڻ آءِ جي سنڌ طور سنڌ پوليس ۾ ڪجهه سٺا فيصلا به ڪيا. مثال طور، غلام نبي ميمڻ پنهنجي دور ۾ اسپيشل برانچ، سي ٽي ڊي ۽ آر آر ايف ۾ سڌارا آندا، شهيد اهلڪارن جي پيڪيج ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪرايو، منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، ڏوهن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن خلاف وڏي پئماني تي ڪارروايون ڪيون ويون پر اها حقيقت به مڃڻ گھرجي ته پوليس جو بنيادي ڪم امن امان قائم ڪرائڻ آهي، غلام نبي ميمڻ ان ڪم ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو؟ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، گھرن ۾ ڌاڙن، ڦرن دوران شهرين جي قتل ۽ زخمي ٿيڻ وارين وارداتن تي ڪنٽرول نه ٿي سگھيو، سندس دور ۾ اسٽريٽ ڪرمنل بي لغام بڻيل رهيا. 90ع واري ڏهاڪي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهو پوليس ڪانواءِ  ۾ سفر ڪن ته ان جي ذميواري ڪنهن تي عائد ڪجي؟ غلام نبي ميمڻ جي دور ۾ جيڪڏهن ڪچي بابت موثر پاليسي ٺاهي آپريشن ڪيو وڃي ها ته اڄ ماڻهو ڪانواءِ ۾ سفر نه ڪن ها، سندس 14 مهينن 17 ڏينهن ۾ ڪچي ۾ ڪو آپريشن ئي نه ٿيو، ٽارگيٽيڊ ڪارروايون ٿيون، انهن ڪاررواين ۾ به پوليس پنهنجو نقصان ڪرائي ويهي رهي. سڄو زور سي پيڪ کي محفوظ ڪرڻ تي ڏنو ويو، بند تي چوڪين جو بند ٻڌو ويو. ذريعن موجب ڳجهي خانگي فورس تيار ڪئي وئي، ان فورس کي سرڪاري هٿيار ڏنا ويا ۽ ان جي سرپرستي ڪئي وئي، ڏوهارين کي ڏوهارين هٿان چٿڻ وارو فارمولو اختيار ڪيو ويو، جيڪو خاص ڪري گھوٽڪي جي امن لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيو.

هاڻي جيڪڏهن غلام نبي ميمڻ ٻيهر آءِ جي سنڌ بڻجي ٿو ته کيس پنهنجي پاليسي تي هڪ ڀيرو نظرثاني ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن آءِ جي سنڌ لاءِ ڪنهن ٻئي جو ڪُڻو به نڪري ٿو ته ان کي امن امان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موثر قدم کڻڻا پوندا، خانگي ماڻهن جي فورس ٺاهڻ بدران پوليس تي ڀروسو ڪرڻ پوندو، بهادر آفيسرن کي ايس ايس پي لڳائڻو پوندو. نئون آءِ جي هاڻي صرف وڏي وزير نه پر گھرو وزير آڏو به جوابده هوندو، ان کي وڌيڪ چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو پر منهنجي سمجهه ۾ ڪاميابي تڏهن ملندي جڏهن آءِ جي سنڌ صرف وڏي وزير ۽ گھرو وزير نه پر پاڻ کي عوام آڏو به جوابده سمجهي. ڪچو مالا مال آهي، ڪچي ۾ ڪاٺ آهي، بمپر فصل ٿين ٿا، مڇي جو ڪاروبار به ڪروڙن جو آهي، وڏيرا، پوليس ۽ ٻيا اسٽيڪ هولڊر سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ان مان فيضياب ٿين ٿا. سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ ويهارڻو پوندو، سياسي مداخلت سان مسئلا خراب ٿيندا آهن پر ڪچي جو مسئلو سياستدانن کانسواءِ حل نه ٿي سگھندو. ڪچي ۾ جھيڙا ٿيندا آهن، وڏيرڪو ۽ سرداري نظام انهن جھيڙن جھٽن جي ڪري ئي هلندو آهي. رياستي ادارن ۽ پوليس  کي گڏيل آپريشن ڪرڻو پوندو ۽ گڏوگڏ مقامي سياستدانن ۽ وڏيرن کي پاڻ سان گڏ ويهارڻو  پوندو، انهن کي ٻڌائڻو پوندو ته امن امان واري معاملي تي “زيرو ٽالرنس” پاليسي آهي

پوليس کي ملٽري گريڊ هٿيارن سميت ٻين سهولتن سان ليس ڪرڻو پوندو، انٽيليجنس جو مضبوط نظام قائم ڪرڻو پوندو، سڀني کان اهم اهو آهي ته ڪچي ۾ رهندڙ امن پسند ماڻهن جو پوليس تي اعتماد بحال ڪرڻو پوندو، اهي پوليس کان وڌيڪ ڌاڙيلن تي اعتماد ڪن ٿا، ڌاڙيلن تائين هٿيارن ۽ ٻين سهولتن جي رسائي بند ڪرڻي پوندي، هڪ سياسي پارٽي جي ٽوئيٽس کان خوفزده حڪومت سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر کي بند ڪري سگھي ٿي ته پوءِ ڪچي ۾ اها سهولت ڌاڙيلن کان کسي ڇو نٿي وڃي؟ ڌاڙيلن کي اڪيلو ڪري سندن خلاف آپريشن ڪرڻو پوندو. مضبوط حڪمت عملي کانسواءِ امن قائم نٿو ٿي سگھي، البته فوٽو سيشن ضرور ٿي سگھي ٿو ۽ ڪروڙن جي بجيٽ فوٽو سيشن تي خرچ ٿي سگھي ٿي، جيڪا عام طور تي خرچ ٿي رهي آهي.

هن وقت آءِ جي سنڌ جي مقرري واري معاملي تي سنڌ حڪومت ۾ “منهنجي مرضي” واري جيڪا ڪهاڻي شروع ٿي آهي، آءِ جي جي مقرري بعد اها “منهنجي مرضي” ضلعن ۾ ايس ايس پيز جي مقررين تي اچي بيهندي. تازو ٿيل مقرريون ۽ بدليون ڏسڻ سان اها ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي ته ميرٽ تي آفيسرن جون مقرريون نه ٿينديون، ان ڪري آءِ جي سنڌ ڀلي ڪهڙو به اچي، ان کي انهن ئي آفيسرن کان ڪم وٺڻو پوندو، جن جون مقرريون پرچي تي ٿيل هونديون، امن امان سنڌ جي عوام جو حق آهي، عوام کي انهي ڳالهه سان سروڪار ناهي ته آءِ جي سنڌ وڏي وزير جو رکرايل آهي يا گھرو وزير جو؟ ايس ايس پي آءِ جي سنڌ جو فيورٽ آهي يا گھرو وزير جو؟ عوام صرف امن چاهي ٿو، اصل ڌرتي ڌڻي هندو ڪاروبار بند ڪري لڏڻ تي مجبور آهن، ماڻهو رات جو ته ڇا ڏينهن جو به سفر ڪرڻ کان ڊڄن ٿا، ڳوٺن ۾ چوپايو مال محفوظ ناهي، گھرن کان ٻاهر ماڻهو اغوا ٿي وڃن ٿا، ڌاڙيل فيسبڪ تي لائيو اچي مغوي تي تشدد ڪندي سرعام ڀُنگ گھرن ٿا، ڀُنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ماڻهن کي ماري اڇلائي ڇڏين ٿا، عورتن جون عزتو محفوظ ناهن، تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته آءِ جي ڀلي ڪنهن جو به فيورٽ ٿي ڪم ڪري پر هو پاڻ کي گھٽ ۾ گھٽ عوام آڏو جوابده سمجهي ان جي جان، مال ۽ عزت محفوظ بڻائي، جيڪو سندس حلف ۾ شامل آهي. وانا وزيرستان ۾ آپريشن ٿي سگھي ٿو ته ڪچي ۾ به ممڪن آهي، مصلحت پسندي ڇڏڻ سان ڪچي ۾ 6 مهينن اندر ڏوهارين جو صفايو ٿي سگھي ٿو.