نئون ڳوٺ (ن پ ا ) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ مٺو ماڇي ۾ مال چاريندڙ لياقت سولنگي مبينا طور گھرو اڻبڻت تان وڻ ۾ ڦاھو کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنھن تي اتي موجود ٻين ڌنارن ۽ ھارين ڏسي ورتو، جنهن بعد کيس انتھائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميھڙ جي خانگي اسپتال نيو ويو آھي جتي سندس طبعيت سڌرندڙ آھي.