نئون ڳوٺ  (ن پ ا) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ محمد صالح آڳرو جي رھواسي پيرسن محمد سچل آڳرو پنهنجي ننڍي پٽ سان گڏ احتجاج ڪندي دانھيو ته منھنجو وڏو پٽ اعجاز آڳرو ڪافي عرصي کان ڌار آھي ان سان ڪجھ ماڻھن واپار ڪيو ھاڻي اھو پر اسرار نموني گم آھي جنهن جي مون کي ڪا به خبر ناھي جن ماڻھن جا پيئسا اٿس اھي روز مون کي ۽ منهنجي ننڍن پٽن کي تنگ ڪن ٿا جڏهن ته علائقي واسين کي خبر آھي ته ھو مون کان ڌار آھي جيڪا ڏيتي ليتي يا واپار ڪري ٿو ان جو مان زميوار ناھيان مان ھن کان اڳ به لاتعلقي ڪري چڪو آھيان ھاڻي به لاتعلقي ٿو ڪيان ته جيڪو به ھن سان ڏيتي ليتي ڪندو ان جو زميوار پاڻ ھوندا ھو مون کان ڌار آھي مان بيمار آھيان مون کي ۽ منهنجي ننڍن پٽن کي ان معاملي تي تنگ نه ڪيو وڃي ھنن ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ڪجهه ماڻھون گھر جي در تي اچي ڪوڙن ڪيسن ۾ فاسائڻ جون ڌمڪيون ٿا ڏين انھن مان منهنجي ننڍن پٽن ۽ مون کي جاني خطرو آھي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي