نئون ڪوٽ (ن پ ا) ڪلوئي جي ڳوٺ سوڍيٻھه جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي بخش ڏورٿ کي 50 سالن جو عرصو گذرڻ باوجود پڪي بلڊنگ نه ملي سگهي آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن، استاد ۽ شاگردن ٻڌايو ته مزاحمتي شاعر علي بخش ڏورٿ 1973 ۾ اسڪول کولرائي پنهنجي اوطاق کي درسگاهه ٺاهي معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏني، هنن چيو ته ڪجھه عرصي کان اوطاق جو ڪمرو ڪمزور ٿيڻ ڪري شاگرد نم جي وڻ هيٺان ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن بعد استاد پنهنجي ذاتي خرچ تي هڪ ڪمرو تعمير ڪرايو جنهن ۾ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته ڪمرو ننڍو هئڻ ڪري شاگردن کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پرائمري اسڪول کي بلڊنگ ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.