نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ڀرسان لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ڪلوئي جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال کي مختلف بيمارين کان بچاءُ جا مفت حفاظتي ٽڪا ۽ بيمار جانورن جو علاج ڪيو، ان حوالي سان وٽرنري موبائيل سروس تعلقي ڪلوئي جي انچارج ڊاڪٽر محمد آصف قائم خاني ٻڌايو ته مون پنهنجي ٽيم سان گڏجي ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ خان محمد لاشاري، جان محمد لاشاري، جمعون خاصخيلي، سڃي موري سميت مختلف ڳوٺن ۾ وڃي چوپائي مال کي بيماري کان بچا لاءِ حفاظتي ٽڪا لڳائي علاج ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته 2 هزار کان وڌيڪ رڍن ۽ ٻڪرين ۽ پنج ھزار کان وڌيڪ مينهن ۽ ڍڳين ۾ مفت ٽڪا لڳائي علاج ڪيو ويو، هن چيو ته آس پاس جي ڀاڳين کي گهرجي ته حفاظتي ٽڪن ۽ علاج لاءِ اسانجي ٽيم سان تعاون ڪن جيئن وقت سر چوپائي مال جو علاج ۽ حفاظتي ٽڪا لڳي سگهن