نئون ڪوٽ(اسپورٽس نيوز) نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ سيڏيو مورا ۾ سيڏيو نوجوان اتحاد پاران ٻن ڏينھن تي مشتمل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سجايو ويو جنھن ۾ علائقي جي 6 ٽيمن حصو ورتو، آخر م فائنل مئچ اسٽار اليون سيڏيو ء سمير جانباز نئون ڪوٽ وچم کيڏيو ويو اسٽار اليون سيڏيو ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اورن ۾ 62 رنس جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو سمير جانباز نئون ڪوٽ 5 اوررن ۾ پورو ڪري ٽورنامينٽ جو فائنل پنھنجي نانءُ ڪري ورتو آخر ۾ ڳوٺ جي معززن ونراپ ٽيم ء رنر اپ ٽيم کي ڪيش انعام ء ٽرافيون ڏنيون، پوري ٽورنامينٽ ۾ بھترين ڪارڪردگي تي اسٽار اليون سيڏيو جي بيٽسمين فھد سڪندر نھڙيو کي مين آف دي سيريز سان نوازيو ويو، ان موقعي تي رانديگرن ۽ علائقي واسين چيو ته اهڙن ايونٽن سان نه رڳو نوجوانن جي صلاحتين کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.