نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيارعلي نهڙيو) نئون ڪوٽ ۾ بدامنيءَ جي باھ ڀڙڪي پئي، شھري بدامني ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ روڊن تي نڪري آيا، نئون ڪوٽ- جهڏو روڊ تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، سوين گاڏيون بيهجي ويون، ايس ايچ او نئون ڪوٽ کي هٽائڻ جو مطالبو. خبر موجب نئون ڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ الھه بخش جسڪاڻي، لقمان چانڊيو، سلطان جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين شهرين چئن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي نئون ڪوٽ- جهڏو روڊ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. روڊ بلاڪ هئڻ سبب ٽن ضلعن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. مٺيءَ کان ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچي ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. شهرين احتجاج ڪندي چيو ته نئون ڪوٽ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، پوليس وڏيرن جي ونگاري بڻيل آھي. چوري ۽ ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آھن. پوليس بدامنيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي. هنن جو چوڻ هو ته نئون ڪوٽ ۾ گذريل ٽن مهينن دوران هڪ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ 20 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون چوريون ٿي ويون پر پوليس چورن خلاف ڪارروائي بدران سندن سهولتڪار بڻيل آهي. مظاهرين دانهيندي وڌيڪ چيو ته نئون ڪوٽ پوليس جي سرپرستيءَ ۾ منشيات جا اڏا سرعام هلندڙ آهن. گذريل رات نئون ڪوٽ کان گهر موٽندڙ هڪ نينگر کي نشي ۾ ڌت جوابدار پڪڙي زيادتي جي ڪوشش ڪئي. پوليس هن مهل تائين جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپوخاص کان مطالبو ڪيو ته ايس ايچ او نئون ڪوٽ کي هٽائي بدامني ۽ منشيات جي جو خاتمو آندو وڃي.