نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ۾ واپڊا طرفان بجلي جون رهتون نه ڏيندڙ ۽ بجلي چوري ۾ملوث 3 ڄڻن تي نئونڪوٽ ٿاڻي ڪيس داخل ڪيو ويو، واپڊا سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي انچارج ايس ڊي او وحيد مراد ڀرڳڙي جي فرياد تي نئون ڪوٽ ٿاڻي تي گنج بخش ڪالوني نئون ڪوٽ جي رهواسي اسحاق ڪورائي ۽ مالهي پاڙي جي رهواسي محمد عمر ۽ مبين نالي همراهن تي بجلي بل بقايا ۽ بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، فرياد ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسحاق ڪورائي ۽ محمد عمر ۽ مبين نالي همراهه بجلي جا بقايا بل جمع نه ڪرائڻ ۽ بجلي چوري ۾ ملوث آهن جنهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن نئون ڪوٽ پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون جڏهن ته تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي.