نئون ڪوٽ (رپورٽر )نئون ڪوٽ جي هائير سيڪنڊري اسڪول جي هاسٽلن جي 12 پراڻين عمارتن مان نڪتل سرون، ۽ لکين رپين جو قيمتي لوهه بنا آڪشن جي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب بغير ڪنهن آڪشن جي اهو قيمتي لوهه مقامي ڪٻاڙين کي وڪرو ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ عمارتن مان نڪتل هزارين سرون پڻ وڪرو ڪيون ويون، گاڏين ۾ لوهه نئون ڪوٽ جي ڪٻاڙين کي منتقل ڪيو ويو جنهن جي هڪ ويڊيو پڻ سامهون آئي آهي، ويڊيو ۾ واضح طور ڏسي سگهجي ٿو ته سرڪاري لوهه گاڏين ۾ ڀري ڪٻاڙين حوالي ڪيو پيو وڃي. تعليم کاتي ميرپورخاص جي ڊي اي او، طاهر سليم آرائين، معاملي کان بي خبر نظر آيو. هن چيو مونکي ان باري ۾ ڪا ڄاڻ ناهي، بغير اجازت جي سرڪاري لوهه وڪرو ڪرڻ هڪ غيرقانوني عمل آهي. اسان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جلد ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن اسڪول جي هيڊماستر لياقت علي قائمخاني رابطو ڪرڻ دوران دعويٰ ڪئي ته لوهه اسڪول اسٽاف کي اعتماد ۾ وٺي وڪرو ڪيو ويو، پر لوهه جي مجموعي ماليت نٿو ٻڌائي سگهان، مقامي شهرين ۽ سول سوسائٽي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي، غيرقانوني لوهه ۽ سرون وڪرو ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.