نئون ڪوٽ (ن پ ا) ڪلوئي تعلقي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نبي سر ساهڙ جي بلڊنگ جي رپيئرنگ جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو
اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن نصرالله ساهڙ، محمد عيسيٰ، فيروز نهڙيو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول جي بلڊنگ جو مرمتي ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آهي
هنن چيو ته بلڊنگ ۾ غير معياري مٽيريل استعمال ڪرڻ ڪري معمولي برسات سبب ڇت سميت ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن، جڏهن ته چوديواري سميت در درين جو ٽڪي جو ڪم ناهي ٿيو
شاگردن جو چوڻ هو ته اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ ڪري اسان مڊل اسڪول جي بلڊنگ ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهيون، نوٽيس وٺي اسڪول جو ڪم جلد ڪرائي ڏنو وڃي
هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ٺيڪيدار شوڪت نھڙي ٻڌايو ته اسان رهيل ڪم شروع ڪري ڳوٺاڻن جي شڪايتن کي ختم ڪنداسين