نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ رضوان ميمڻ ۾ پاتان زال بابو ڀيل پاران مبينا طور زرعي دوا پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وارثن کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ پهچايو جتان کيس مٺي سول اسپتال ريفر ڪيو ويو، وارثن ٻڌايو ته زميندار پاران ڏياري جي تھوار لاءِ 4 هزار رپيا ڏنا، ناري پاران مڙس کي ڪپڙن جو جوڙو وٺي ڏيڻ جو چيو، مڙس پاران نه وٺي ڏيڻ تان ناري ناراض ٿي اهڙو قدم کنيو.