نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ڀرسان ڪلوئي روڊ تان وڄوٽو پوليس جي حد مان پورهيت نوجوان جو چيڀاٽيل لاش هٿ آيو اطلاع تي وڄوٽو پوليس کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتي فوتي نوجوان جي سڃاڻپ نئون ڪوٽ واسي حاجي ولد ابراهيم ڪنڀار طور ڪئي وئي، وڄوٽو پوليس موجب پورهيت سرن جي بٺي تي مزدوري ڪري گذر سفر ڪندو هو جتان رات واپس ايندي روڊ تي گاڏي جي ٽڪر سبب فوت ٿيو آهي. اسان کي اتان گاڏي جون بتيون مليون آهن، وڌيڪ ان معاملي جي جاچ ڪيون پيا، پوليس موجب نوجوان جي پٽ اسپتال پهچي لاش جي سڃاڻپ ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو، هوڏانهن فوتي نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.