نئون ڪوٽ(رپورٽر) نئون ڪوٽ ڀرسان ٻيلي کاتي جي لاپرواهي سبب ٻاويهه ميل موري وٽ نرسري تباهه، پاڻي نه ملڻ ڪري هڪ  لک ٻوٽا سڙي ويا، مقامي رهواسين موجب ٻيلي کاتي ٿرپارڪر جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب ٻاويهه ميل موري وٽ قائم نرسري مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جتي لڳ ڀڳ هڪ لک ٻوٽا سڙي ختم ٿي ويا آهن، نرسري تي مقرر عملي کي ڇھن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب عملي ڪم ڇڏي ڏنو، جنهن جي ڪري ٻوٽن کي پاڻي نه ملڻ سبب نرسري ۾ موجود سمورا ٻوٽا سڙي تباهه  ٿي ويا آهن، ٻيلي کاتي جي لاپرواهي ۽ عدم دلچسپي سبب نرسري تباهي جي ڪناري تي آهي. رهواسين موجب ٻاويهه ميل موري تي قائم نرسري مان سموري ٿر کي مختلف قسمن جا ٻوٽا فراهم ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته موسمياتي تبديلي جي ڪري وڻڪاري جي اهميت وڌي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ٻيلي کاتي جو بي حسي وارو رويو مايوسي پيدا ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي نرسري جا ملازمن ٻڌايو ته اسان کي  ڇھن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، ڪير به دانهن  ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، قرضين کان تنگ ٿي گهر ويٺا آهيون، هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب مختلف وقتن تي اعليٰ عملدارن کي ٽينڪرن ذريعي پاڻي فراهمي لاءِ شڪايتون ڏنيون، پر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي. نه پاڻي آهي، نه پگهار، اهڙي صورتحال ۾  نرسري ڪيئن سنڀاليو، شهرين ۽ ملازمن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نرسرين کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، عملدارن جي غفلت خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ملازمن کي فوري طور پگهارون ادا ڪيون وڃن.