ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نئون ڪوٽ واسي نوجوان تشدد بعد قتل، ان ڏس ۾ ڪريم آباد جي پل وٽ محمد حسن گرگيج کي مٿي ۾ سريو هڻي قتل ڪيو ويو. پوليس موجب نفيس نگر لڳ ڳوٺ پنهون گرگيج جو رهواسي حسن نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو واقعو جهيڙي دوران پيش آيو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. هوڏانهن مقتول جو لاش عباسي شهيد اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.