نئون ڪوٽ(ن پ ا) نئون ڪوٽ ڀرسان چار ڏينهن اڳ قتل ٿيل ماستر سومرو ڀيل جا ٽي جوابدار گرفتار نه ٿيا، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ڳوٺ حيات رند تي چڙهائي ڪري مشينري جي مدد سان مک جوابدار  جي مينهن جي واڙي جي ديوار ڪرائڻ سان گڏ  پورهيتن جا گهر ڊاهي موٽي آئي، ڳوٺ ڦوٽو ڀيل ۾ اهم گڏجاڻي ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ مقتول سومرو جو ڀاءُ دودو ڀيل، سوڍو ڀيل،پٽ سورج ڀيل ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سميت برادري جي معززين ماڻهن شرڪت ڪئي آهي، بي آئي ايف جي مرڪزي صدر ديدار ڀيل، پهلاج ڀيل، وڪيل هرسنگهه ڀيل، لالچند ڀيل، رائچند ڀيل، پيارو ڀيل، ڪرمچند ڀيل، خادم خاصخيلي سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اڄ مختلف شهرن ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو ۽ مک قاتل جي گرفتاري لاءِ انتظاميه کي 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو ويو، 24 ڪلاڪن ۾ مک جوابدار راجا رند گرفتار نه ٿيو ته نئون ڪوٽ ٽو مٺي مين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو، مک جوابدار جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رهندو. ان ڏس ۾ مقتول جي پٽ سورج ڀيل ٻڌايو ته پوليس چار ڏينهن گذرڻ باوجود مک جوابدار سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، هن چيو جوابدار ايڏا بااثر آهن جو پوليس جوابدارن کي گرفتاري کان بچائي رهي آهي جڏهن ته پوليس جوابدارن جي ڳولا بدران ٿاڻي تائين محدود آهي، هنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي انهي باوجود جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن، ٿرپارڪر پوليس ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ٻئي پاسي اصغر علي چانڊيو رابطو ڪندي چيو ته پوليس جوابدارن جا گهر ڊاهڻ بجاءِ منهنجا گهر ڊاهي پٽ ڪري وئي آهي، هن چيو ته آئون نوڪري سبب گهر نه هئس ته پوليس رات جي انداهاري ۾ چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪندي منهنجي گھر م داخل ٿي منهنجي گهرن ڊاهي پٽ ڪري وئي آهي، هن ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ذريعن موجب پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ بااعلي آفيسرن کي خوش ڪرڻ لاءِ جوابدار بااثر وڏيري بابر عرف راجا رند جي مينهن جي واڙي جي ديوار ڪرائي موٽي آهي، جڏهن ته گرفتاري لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا.