نئون ڪوٽ(رپورٽ: پيار علي نهڙيو) نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ جنھاڻ جوڻيجو وٽ پرائمري ماستر ۽ پ پ منارٽي ونگ جي اڳواڻ سومرو ڀيل کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، جنهن جون آخري رسمون نئون ڪوٽ ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ ڦوٽو ڀيل ۾ ادا ڪرڻ بعد مڙھه مٽي ماءُ حوالي ڪيو، آخري رسمن ۾ پ پ اڳواڻن سينيٽر پونجو مل ڀيل، سشيل ملاڻي ،ارباب انعام الله، نند لال مالھي سميت سياسي سماجي اڳواڻن، استادن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تدفين بعد ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ وارث وڄوٽو ٿاڻي پھتا جتي مقتول جي پٽ سورج ڀيل جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو ، جنهن ۾ پنجن جوابدارن بابر عرف راجا رند، ارشد علي چانڊيو، اڪرم چانڊيو، موسيٰ چانڊيو ۽ آصف چانڊيو کي نامزد ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ فريادي پاران ڄاڻايو ويو ته آهي ته جوابدار بابر عرف راجا رند بندوق جي زور تي اسان گهرڀاتين کي روڪي ٻين جوابدارن کي منهنجي والد سومرو ڀيل تي ڪھاڙين سان حملي لاءِ اُڪسايو جنهن تي جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو، جڏهن ته اسان بااثر وڏيري بابر رند جي خوف سبب خاموش رهياسين، واقعي بعد سڀئي جوابدار وڏيري جي سفيد رنگ جي گاڏي (پوٽار) ۾ چڙهي فرار ٿي ويا، مقتول جي ڀاءَ دودو ڀيل صحافي سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي جي بااثر وڏيري بابر عرف راجا رند جي بڇ تي هٿياربندن منهنجي ڀاءَ کي  قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، مون ٻه ڏينهن اڳ بااثر شخص کي دانهن ڏني ته چانڊيا برادري جا ماڻهو هٿيار کڻيو گهمندا وتن کيس روڪي، پر انهن روڪڻ بجاءِ بڇ ڪري منهنجي ڀاءُ کي مارايو آهي.

هڪ جوابدار کي بااثر وڏيري جي معرفت ٿرپارڪر پوليس حوالي ڪيو ويو: ذريعا

نئون ڪوٽ: ذريعن موجب قتل واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار کي بااثر وڏيري جي معرفت ٿرپارڪر پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس باقي جوابدارن کي گرفتار ڪري ناهي سگھي، جڏهن ته پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي وئي آهي، پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.

قتل ڪرائڻ جا الزام غلط آهن، ڪا صداقت ناهي: بابر عرف راجا رند

نئون ڪوٽ: الزام هيٺ آيل بابر عرف راجا رند پنهنجي اخبار سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين جا ماڻهو مون وٽ ملازم ٿي رهيا آهن، جنهن کي آئون  پنهنجي اولاد جيان سمجھون ٿا، اسان ڪافي چڪر ٻنهي ڌرين کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڌريون راضي نه ٿيون، نتيجي ۾ وڏو نقصان ڪري ويٺيون آهن، مون تي جيڪي به الزام لڳايا پيا وڃن انھن ۾ ڪابه صداقت ناهي.