نئون ڪوٽ (رپورٽر)نئون ڪوٽ ڀرسان ٿرڪول بلاڪ ون مان مبينا چوري ٿيل ڪروڙين رپين جو اسڪريپ کڻي نڪتل  ڏھه ويلر ٽرالر کي نئون ڪوٽ پوليس پڪڙي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، ڏھ ويلر کي ايل بي او ڊي سم نالي ڀرسان پندرهن ڪلاڪ بيهارڻ بعد مبينا ڏيتي ليتي عيوض آزاد، ڪيو ويو، نئون ڪوٽ پوليس موجب رات دير سان ٿرڪول بلاڪ ون مان مبينا چوري جو اسڪريپ ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويندڙ ڏھه ويلر گاڏي کي نئون ڪوٽ پوليس ايل بي او ڊي سم نالي ڀرسان پڪڙي، ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي کڻي آئي، پوليس ذريعن موجب ڏھه ويلر ۾ چوري جي اسڪريپ سان گڏ ٻيو قيمتي سامان پڻ هو، جيڪو بلاڪ ون مان پنجاب طرف کڻي وڃي هئا، جنهن تي نئون ڪوٽ پوليس گاڏي کي پڪڙي ڊرائيور شوڪت پٺاڻ، جهازيب ۽ ٻين کي پڪڙي ٿاڻي کڻي آئي، جتي رات دير سان هڪ لک پنجاھ هزار عيوض معاملو لئي مٽي ڪري چوري جو اسڪريپ کڻي ويندڙ ڏھ ويلر کي ڇڏي ڊرائيور سميت ٻين همراهن کي آزاد ڪري ڇڏيو، پوليس معاملي کي دٻائڻ لا ڏھ ويلر کي نئون ڪوٽ کان پنج ڪلوميٽر پري هڪ ڳوٺ ۾ بيهاري رکيو، جيڪو رات دير سان ڇڏيو ويو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نئون ڪوٽ  ٻڌايو ته ٺيڪيدارن پاران گيٽ پاس ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ ڏيکاريا جنهن بعد گاڏي ڇڏي آهي،