نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ڀرسان ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ خان محمد لاشاري مان هڪ گهر جي چار ڀاتين جي گم ٿيڻ خلاف نوجوان جي امڙ مروان ڪولهي ۽ ڀاءَ هوٿي ڪولهي نئون ڪوٽ پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته 15 ڏينهن اڳ نوجوان چيلارام ڪولهي سندس  زال گوري ڪولهي  ۽ ٻن ٻارڙن سميت  گولاڙچي سارين جي لاباري تي وڃڻ جو چئي گهران نڪتا هئا، جنهن جو هن مهل تائين ڪو پتو ناهي پيو اسان ڳولا ڪري ٿڪجي پيا آهيون، هنن چيو ته چئن گهر ڀاتين جي گم ٿيڻ بعد اسانجون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، پندرنهن ڏينهن کان نوجوان جو موبائيل نمبر به بند آهي، وارثن ٿرپارڪر پوليس کي گهر ڀاتين جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪندي چيو ته گهر ڀاتين جي ڳولا ڪري اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.