نفيس نگر(ن پ ا) نارا ڪئنال تي مقرر ڪيل ڊائريڪٽر اشفاق ميمڻ نئون ڪوٽ سب ڊويزن کي پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي ان حوالي سان مليل ڄاڻ مطابق نارا ڪئنال ۾ ڏينهون ڏينهن پاڻي جي بهتري اچڻ ۽ گيج 8500 ڪيوسڪ تي پهچڻ باوجود نئون ڪوٽ سب ڊويزن جي منڍ دڙيلو وٽ اضافي پاڻي پهچي نه سگهيو آهي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال پاران نئون ڪوٽ سب ڊويزن جي حصي جو پاڻي ننڍي چونڊ دوران نبي سر ۽ سامارو سب ڊويزنن کي فراهم ڪرڻ سبب شڊول تحد فضل شاخ اڪوٽو شاخ ڀان شاخ ۽ بلالاڻي شاخ جي پڇڙين ۾ هفتو گذرڻ باوجود پاڻي پهچي نه سگهيو آهي ٻئي طرف شير شاخ کي پاڻي نه ملڻ سبب مڇريل آبادگارن زبردستي شاخ جا در کولي ڇڏيا اطلاع تي آبپاشي عملدار پوليس ساڻ ڪري سلور موري تي پهتا ۽ شاخ بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر آبادگارن شاخ بند ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هڪ ڪلاڪ تائين ڇڪتاڻ جاري رهڻ بعد ايم پي اي ۽ صوبائي وزير مير طارق ٽالپر پاران نوٽيس وٺڻ بعد شاخ کي بند ڪرايو ويو، هوڏانهن نئون ڪوٽ سب ڊويزن کي گهربل پاڻي نه ملڻ سبب متاثر آبادگارن کيمچند ڀيل، بادل ڀيل، علي نواز ٽنگڙي، ممتاز جوڻيجو ۽ ٻين ٻڌايو ته نارا ڪئنال ۾ 8500 ڪيوسڪ پاڻي پهچڻ باوجود ڊائريڪٽر نارا ڪئنال نئون ڪوٽ سب ڊويزن کي پاڻي ڏيارڻ لاءِ تيار ناهي اسان جو لکين رپين جو پوکيل مرچن جو ٻيجارو سڙي تباه ٿي رهيو آهي کيڙين جا خرچ به ڳچي ۾ پئجي ويا آهن هنن چيف جسٽس کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته نااهل ڊائريڪٽر کي هٽائي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي،