نئون ڪوٽ(رپورٽر) آبپاشي سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي رڻ شاخ سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن پاران لڳل ڌرڻي واري هنڌ ايس ڊي او ايريگيشن پهچي ڳالهين بعد احتجاجي ڪئمپ ختم ڪرائي، آبادگارن موجب ايس ڊي او ايريگيشن پاران پاڻي جو گيج پورو ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اگر پاڻي جو گيج پورو نه مليو ته ٻيهر روڊن تي هونداسين، هوڏانهن ايس ڊي او ايريگيشن ڪانتيش ڪمار ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري جن آبادگارن کي شروعاتي ڏينهن پاڻي نه مليو، انهن کي رليف فراهم ڪيو ويندو، پاڻي چوري خلاف سخت قدم کنيا ويندا.