نئون ڪوٽ (ن پ ا) ڊرينج انتظاميا جي نااهلي سبب ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين جا بند خطري هيٺ اچي ويا آهن، مقامي ماڻهن پاران پاڻي کڻڻ لاءِ اسپائنل ڊرين کي هنيل ڪٽ بند نه ٿيڻ سبب امڪاني برساتن دوران ايل بي او ڊي کي ٻنهي پاسن کان گهارا پوڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، نئون ڪوٽ ڀرسان گذرندڙ ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين جا ڪمزور بند بروقت مرمت نه ٿيڻ سبب شديد خطري جو شڪار بڻجي ويا آهن. علائقي واسين الزام لڳايو آهي ته ڊرينج انتظاميا جي ملي ڀڳت سان مقامي ماڻهن کي ڊرين مان غيرقانوني طور تي پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن تحت ڪيترن ئي هنڌن تان بندن کي ڪٽ هڻي ڇڏيو ويو آهي. ان ڏس ۾ علائقي واسين سڪندر علي، عبداللطيف، محمد عثمان هالو ۽ ٻين روزاني پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڊرينج انتظاميا مبينا رشوت وٺي غيرقانوني پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏني، جنهن سبب بندن کي هٿرادو نقصان رسيو آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن برسات کان اڳ جلدي بندن جي مرمت نه ٿي ۽ غيرقانوني ڪٽ بند نه ڪيا ويا ته برساتن دوران بدين، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن مان گذرندڙ اسپائنل ڊرين کي ٻنهي پاسن کان گهارا پوڻ جي صورت ۾ ٽنهي ضلعن جي وڏي آبادي متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي. هنن چيو ته ايل بي او ڊي جي بندن تي ٽڪي جو ڪم ناهي ڪيو ويو هر سال ڪروڙين رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا، رهواسين جو چوڻ هو ته هر سال هڪڙي رٿابندي تحت ڊرين جي بندن کي نقصان رسائي مقامي آبادي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جتي مبينا طور تي ڊرينج کاتو رشوت وٺي ڪارروائي کان پاسو ڪري ٿو. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور بندن جي مرمت ڪرائي، ڊرين کي امڪاني گهارن کان بچايو وڃي.