ويٽيڪن سٽي(م ڊ) سڄي دنيا جي 1.4 ارب رومن ڪيٿولڪ ماڻهو هن وقت بيچين آهن ته نئون پوپ ڪير ٿيندو؟ ان سلسلي ۾ 4 نالن تي غور شروع ٿي ويو آهي. پوپ فرانسس طرفان مقرر ڪيل 80 سيڪڙو ڪارڊينلز پهريون ڀيرو پوپ جي چونڊن ۾ حصو وٺندو جنهن سبب اهو عمل پهرين کان گهڻو عالمي ۽ غير امڪاني قرار ڏنو پيو وڃي. تاريخي طور تي اهو پهريون موقعو آهي ته ووٽ وجهندڙ ڪارڊينلز جي اڪثريت يورپ کان ٻاهر جي آهي. اٽلي واسي ڪارڊينل پيئيترو پارولين، فلپائن جو ڪارڊينل لوئس، ڪانگو جو ڪارڊينل فريڊولين ۽ گهانا واسي ڪارڊينل پيٽر ٽرڪسن نئين پوپ ٿيڻ جي اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل آهن.