نئون ديرو: 27 حياتيون ڳڙڪائيندڙ ڀٽا-کهڙا خوني تڪرار جو نبيرو: 7 ڪروڙ 70 لک ڏنڊ

0
20
نئون ديرو: 27 حياتيون ڳڙڪائيندڙ ڀٽا-کهڙا خوني تڪرار جو نبيرو: 7 ڪروڙ 70 لک ڏنڊ
نئون ديرو: 27 حياتيون ڳڙڪائيندڙ ڀٽا-کهڙا خوني تڪرار جو نبيرو: 7 ڪروڙ 70 لک ڏنڊ

نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) 27 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ڀٽا – کهڙا خوني تڪرار جو نبيرو، مجموعي طور ٻنهي ڌرين تي 7 ڪروڙ 70 لک ڏنڊ مقرر، ڪچي واري علائقي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد  ۾ 12 ورهين کان هلندڙ 3200 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪيءَ  ڀٽا_ کهڙا خوني تڪرار جو راڄوڻي نبيرو ڏهيسر هائوس ميرپور ڀٽو ۾ جهيڙيندڙ ٻنهي ڌرين جي سردارن امير بخش ڀٽو ۽ اسد کهڙو جي سر پئنچيءَ ڪيو ويو، نبيري ۾ 24 خونن ۽ 12 زخمين جو ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 7 ڪروڙ 70 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. نبيري ۾ في خون بها 25 لک مقرر ڪئي ۽ زخميءَ جا 10 لک مقرر ڪيا ويا. نبيري ۾ کهڙا ڌر جا ڀٽا ڌر مٿان 14 خونن جا 3 ڪروڙ 50 لک ۽ 4 زخمين جا 40 لک، ڀٽا ڌر مٿان مجموعي طور 3 ڪروڙ 90 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ڀٽا ڌر جا کهڙا ڌر مٿان 10 خونن جا 2 ڪروڙ 50 لک ۽ 8 زخمين جا 80 لکن سميت سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ سينيئر سياستدان مرحوم سردار ممتاز علي ڀٽو مٿان دهشتگردي ايڪٽ  تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جا 50 لک ڏنڊ سميت مجموعي طور 3 ڪروڙ 80 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. فيصلي جي فتويٰ بعد ڌرين 5 – 5 لک رپيه موقعي تي ادا ڪيا ۽ مقرر ڪيل ڏنڊ جي رقم ٻئي ڌريون 4 مهينن جي عرصي ۾ ٻن قسطن ۾ هڪٻئي کي ادا ڪنديون.   اهڙي راڄوڻي نبيري جي فتويٰ ٻڌائڻ بعد ڌرين کي پاڻ ۾ پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.

ڪچي جي 3200 ايڪڙ زمين تان ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو

نئون ديرو:  نئون ديرو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ 3200 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪيءَ تان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مرحوم سردار ممتاز علي ڀٽو ۽ سردار اسد خان کهڙو وچ ۾ گذريل 12 ورهين کان خوني تڪرار هلندڙ هو. جنهن هن وقت تائين 27 انساني جانين جو ضيان ٿي ويو هو. جنهن جو نبيرو اڄ ٿي گذريو.

جھيڙي جو مک ڪارڻ 3200 ايڪڙ زمين جو فيصلو نه ڪيو ويو

نئون ديرو: جهيڙي جو مک ڪارڻ بڻيل 3200 ايڪڙ ڪچي جي زرعي زمين جو فيصلو ٻنهي ڌرين جا سردار پاڻ ۾ گڏيل صلاح مشوري سان بعد ۾ ڪندا.

نبيري ۾ کوکر، خروس ۽ ڪڙيو برادري جا3 خون شامل نه ڪيا ويا

نئون ديرو:  نبيري دوران تڪرار ۾ قتل ٿيل کوکر برادري جي بيگ کوکر، خروس برادريءَ جي علي خان خروس ۽ ڪڙيو برادري جي عظيم ڪڙيو جا خون نبيري ۾ نه شامل نه ڪيا ويا.