نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ۾ سول سوسائٽي پاران شگر مل باءِ پاس روڊ تي سول سوسائٽي جي اڳواڻن علي رضا عباسي، خالد ڪوري، راحيل ڪلهوڙو، شبير ڪلهوڙو، سرتاج شيخ، محمد شريف ابڙو، محمد بخش ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري رهيو، ڌرڻي دوران گاڏين جون قطارون لڳي ويون، شهرين بخت شاهه، معشوق ميراڻي، ممتاز جکرو، مشڪور قاضي، حليم جيهو، اياز ڪلهوڙو، وحيد جيهو، عبدالحق ابڙو ۽ ٻين مظاهرين مٿان گلن جي روکا ڪري نعريبازي ڪئي.برياني ۽ ٿڌي پاڻيءَ جون بوتلون ڌرڻي ۾ ويٺل مظاهرين ۽ بيٺل ٽرڪ ڊرائيور کي پڻ منجهند جي ماني فراهم ڪئي. هوڏانهن تڪراري ڪئنالن خلاف لڳل ڌرڻي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري پوليس اٽالا ساڻ ڪري پهچي ڌرڻي واري احتجاجي ڪئمپ پٽي بيٺل لوڊر ٽرڪن ۽ ٽرالرن کي زبردستي ڪڍرايو. مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان ايس ايس پي کي کتو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته جيستائين ڪئنال ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن نٿو جاري ڪيو وڃي زبردستي ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. پوليس ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ٻيهر زور ڀري ڪئمپ ختم ڪرائي بيٺل گاڏين کي ڪڍرايو. ان دوران ڌرڻي واري هنڌ موجود محمد بخش ناريجو نٽهڻ اس ۾ تتل روڊ تي گاڏين آڏو سمهي ڀرپور مزاحمت ڪئي، جنهن کي موجود پوليس اهلڪارن ٽنگو ٽالي ڪري گاڏين آڏو کڻي روڊ جي پاسي ويهاري روڪي ڇڏيو ۽ ٽرڪن کي پنهنجي نگراني ۾ ڌرڻي واري هنڌ تان ڪڍرايو. ٻي طرف سول سوسائٽي اڳواڻن پوليس جي اهڙي رويي خلاف پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي خالد ڪوري جو چوڻ هو ته پوليس زبردستي ڪري روڊ کولرائي ڌرڻي واري ڪئمپ پٽرائي ڇڏي هنن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج جو حق رکون ٿا.