نئون ديرو(ن پ ا) نگران وزيراعظم، وفاقي انرجي وزير ۽ سي اي او سيپڪو سعيد احمد ڏاوچ جي حڪم تي سيپڪو سب ڊويزن نئون ديرو جي ايس ڊي او الله ڏتو سوهو جي اڳواڻي ۾ نئون ديرو شهر جي مختلف محلن ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن ڪندي هڪ 100 کان وڌيڪ ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا. جڏهن ته هڪ شهري عبدالڪريم ڦلپوٽو کي بجلي چوري ڪرڻ جي الزام ۾ نئون ديرو پوليس هٿان گرفتار ڪرائي مٿس بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪرايو ويو. رابطو ڪرڻ تي سب ڊويزن نئون ديرو جي ايس ڊي او ﷲ ڏتو سوهو ٻڌايو ته  نگران وزيراعظم، وفاقي انرجي جي وزير ۽ سي اي او سيپڪو سعيد احمد ڏاوچ جي حڪم تي بجلي چورن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون آهن بجلي چوري ڪندڙن کي ڪنهن صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. جيڪو به شهري بجلي چوري ۾ ملوث هوندو ان خلاف ڪيس پڻ داخل ڪرايا ويندا. ايس ڊي او نئون ديرو شهرين کي اپيل ڪندي چيو ته بجلي چوري کان پاسو ڪري پنهنجن ڪاروباري مرڪزن ۽ گهرن تي بجلي جا ميٽر لڳرايو ته اوهان پريشانين کان بچي سگهندا نه ته ٻئي صورت ۾ اوهان خلاف قانوني ڪارروايون تيز ڪيون وينديون.