نئون ديرو ۾ زمينن تي والار ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ڌرڻو، پوليس جي لٺبازي: 2 ڄڻا زخمي: وڊيو وائرل

0
16
نئون ديرو ۾ زمينن تي والار ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ڌرڻو، پوليس جي لٺبازي: 2 ڄڻا زخمي: وڊيو وائرل
نئون ديرو ۾ زمينن تي والار ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ڌرڻو، پوليس جي لٺبازي: 2 ڄڻا زخمي: وڊيو وائرل

نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ۾ زمينن تي والار ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ڌرڻو، پوليس جي لٺبازي، 2 ڄڻا زخمي، وڊيو وائرل، سنڌ جي زمينن تي والار ۽ سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف نئون ديرو ڀرسان بنگل ديرو جي انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي مٿان پوليس ڪڙڪي پئي، پوليس اھلڪار ٽرڪ ڊرائيورن کان پئسا وٺي زبردستي گاڏيون ڪراس ڪرائڻ لڳا،  ڌرڻي تي ويٺل شھرين پاران اعتراض ڪرڻ تي پوليس اھلڪارن شھرين مٿان مبينا طور ڪھاڙين سان حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب بَنگلديرو واسي زاھد ڀٽو سميت ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڇڪتاڻ واري وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي،  جڏهن ته ڌرڻي تي ويٺل ڳوٺاڻن دانهون ڪندي چيو ته اسان سنڌو درياءَ جي بقا خاطر جنگ وڙهي رهيا آهيون پر رشوت وٺي پوليس اهلڪار اندرين رستن کان گاڏيون ڪراس پيا ڪرائين، وڊيو ڀَرڻ تي پوليس اهلڪار ڏمرجي پيو ۽ ڪُھاڙيُون ھَڻي احتجاج ڪندڙ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪَري وڌو.احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪندي چيو ته تشدد ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن ميڊيا تي خبرون نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي حيدري احمد بخش راهوجو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري مامري جي شفاف نموني انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي.