نئون ديرو (رپورٽر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، نئون ديرو جي ويجهو ڀٽو اسٽيٽ جي ڳوٺ عزت جي وانڍ ۾ اسٽيٽ جي هارين، مزدورن ۽ ڳوٺاڻن سان گڏ عيد نماز ادا ڪئي. عيد نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو هارين، مزدورن ۽ ڳوٺاڻن سان ڀاڪر پائي عيد مليو جنهن تي هارين، مزدورن ۽ ڳوٺاڻن پاران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري دعائون ڏنيون ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو. جڏهن ته نئون ديرو جي مرڪزي المصطفيٰ عيد گاهه ۾ به عيد نماز جو وڏو ساليانو اجتماع ٿيو جنهن ۾ شهرين جي وڏي انگ تڪراري ڪئنالن خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي عيد نماز ادا ڪئي. عيد نماز ادا ڪرڻ بعد تڪراري ڪئنالن کي رد ڪرڻ بابت خصوصي دعائون گهرڻ سان گڏ ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ به دعائون گهريون ويون. جڏهن ته عيد گاهه جي دروازن تي ڪئنال سمورا نامنظور ۽ سنڌ جي ڪئنالن کي قدرتي طريقي سان وهڻ ڏنو وڃي ۽ ان سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي جا بينر پڻ لڳائي ڇڏيا هئا