نئون ديرو ۾ بدامني خلاف شهرين طرفان ريلي ڪڍي ڌرڻو

0
77

نئون ديرو (رپورٽر) نئون ديرو ۾ بدامني خلاف شهرين طرفان ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، نئون ديرو ۾ بدامني خلاف شهر جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

سياسي ۽ سماجي اڳواڻن احتجاجي ريلي ڪڍي سکر -لاڙڪاڻو روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان ڌرڻو هنيو، اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا

اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، شهري غير محفوظ ٿي ويا آهن، پوليس ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، پرامن شهر کي هٿ وٺي بدامني طرف ڌڪيو پيو وڃي

هي به پڙهندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جو بحران ۽ اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف مظاهرا، ڌرڻا

نئين ديري ۽ راڻيپور ۾ بدامني خلاف شهري ۽ واپاري روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻا