نئون ديرو(ن پ ا) يونين ڪائونسل پير بخش ڀٽو ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي، ڳوٺ وسايو جيهو ۾ ارڙيءَ وگهي ٽن ورهين جو معصوم ٻارڙو غلام مرتضيٰ پٽ محمد شريف ڀٽي فوت ٿي ويو، فوتي ٻارڙي جي والد محمد شريف ڀٽي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن کان پٽ جي طبيعت خراب هئي، ڊاڪٽرن ڄاڻايو ته پٽ کي ارڙي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ٻارڙن کي ارڙيءَ کان بچاءُ واريون وئڪسين لڳايون وڃن.