نئون ديرو (رپورٽر) نئون ديرو ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿيل ٽرڪ ڊرائيور واري واقعي جو 3جوابدارن خلاف ڪيس داخل
ڳوٺ دين محمد نائچ واسي محمد لقمان نائچ جو قتل ڪيس سندس ڀائٽي محمد جهانگير جي فرياد تي داخل ڪيو ويو
ڪيس ۾ خيبر ايجنسي واسي ذاڪر الله پٽ سيد بادشاهه آفريدي، بنون واسي ظفر شاهه ۽ وزيرستان واسي محمد علي شاهه کي نامزد ڪيو ويو
فريادي موجب شگر مل ڪمند کڻي ويا هئاسين جتي جوابدارن جهيڙو ڪيو، ٻه جوابدار چاچي کي پڪڙي بيٺا، ٽئين کيس مٿي ۾ پٿر هنيو
ڪيس ۾ نامزد ٽئي جوابدار گرفتار ٿيل، مقتول محمد لقمان نائچ جو لاش اباڻي ڳوٺ نيو ويو، گذريل ڏينهن جهيڙي بعد نوجوان کي قتل ڪيو ويو هو
هي به پڙهندا