نئون ديرو(رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو ويجهو ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان 7 ڪلاس جو شاگرد اڳ جهي قتل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ميرپور ڀٽو لنڪ روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ محمد عظيم ڏاهاڻي واسي ستين ڪلاس جو شاگرد رضوان پٽ محمد حسن ڏاهاڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول شاگرد جو لاش نئون ديرو اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، شاگرد جو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو، مقتول شاگرد جي سئوٽ عبدالستار ڏاهاڻي ٻڌايو ته رضوان ڳوٺ کان موٽر سائيڪل جو پنڪچر ڳنڍائڻ لاءِ ميرپور ڀٽو اچي رهيو هو ته جيها ڌر جي هٿياربندن سندس اڳ جهلي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اسان جو جيها ڏاهاڻي جهيڙي سان ڪو به واسطو ناهي، جيها ڌر جي هٿياربندن ڏاهاڻي هجڻ ڪري شاگرد کي بيگناهه قتل ڪيو، پوليس موجب جيها ڏاهاڻي ڌرين ۾ ڪارنهن مامري تان 3 سالن کان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ۾ 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڏاهاڻي ڌر جي ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا ۽ جيها ڌر جا 2 ڄڻا شامل آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.