نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو لڳ ڳوٺ سعدوديرو ۾ ٽيوب ويل جو ٽرانسفارمر چوري ڪندڙ گروپ کي ڳوٺاڻن سوگهو ڪري ورتو، اطلاع تي پوليس پهچي چورن کي گرفتار ڪري هڪ ڪار ۽ چنگچي لوڊر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. گروهه ۾ شامل 6 چورن کي ڳوٺاڻن ان وقت پڪڙي سوگهو ڪيو جڏهن هو رات جي اونداهيءَ ۾ ڳوٺ حسن واهڻ ۾ سعدو شاخ وٽ زمين ۾ لڳل ٽيوب ويل جو ٽرانسفارمر چوري ڪري رهيا هئا، گرفتار ڪيل چورن جي سڃاڻپ ڳهڻو پتافي، عارف سنجراڻي، مقصود ڏيٿو، ڪاشف ميراڻي، سليم منگي ۽ نظام بروهي طور ٿي آهي.