نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ويجهو ديهه بهمڻ ۽ ديهه شادي ابڙو ۾ ٻيلي کاتي جي قبضي ڪيل زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو ڪائنات طفيل شيخ ٻيلي کاتي جي عملدارن سان گڏجي مختلف ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران 400 ايڪڙن کان وڌيڪ قبضي هيٺ آيل ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرايا ويا، اي سي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي سنڌ اندر ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٿيل قبضا ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو آهي، هن چيو ته ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائي اتي وڻ پوکيا ويندا، هوڏانهن زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ ڳوٺاڻن کي اي سي چيو ته جيڪڏهن توهان وٽ ڪاغذ موجود آهن ته مختيارڪار آفيس ۾ کڻي اچو ۽ پنهنجو رڪارڊ چيڪ ڪرايو.