نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ۾ 8 ڏينهن اڳ قتل ٿيل هندو واپاري سنتوش ڪمار جي قتل جو ڪيس سرڪار پاران نئون ديرو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ٿاڻي جي پوليس اهلڪار امتياز سهتو جي فرياد تي سنتوش ڪمار جي قتل جو ڪيس گناهه نمبر 9/2025 قلم 302، 148، 149 پي پي سي تحت پنجن نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته آئون ڊيوٽي ختم ڪري ساٿي اهلڪار جنيد ابڙو سان گڏ نم چوڪ تي سنتوش ڪمار جي دڪان تان گهر جو راشن خريد ڪري رهيو هيس ته 5 نامعلوم هٿياربند دڪان ۾ گهڙي آيا، اسان کي هٿيارن جي زور تي يرغمال ڪيو، جنهن تي سنتوش کين چيو ته اوهان کي جيڪو گهرجي کڻي وڃو پر ڪو به نقصان نه ڪيو. جنهن تي 3 جوابدارن سنتوش تي پسٽل سان سڌا فائر ڪيا، جنهن ۾ هو زخمي ٿي ڪرسي تان ڪري پيو ۽ فائرنگ جي آواز تي افراتفري مچي وئي ۽ هٿياربند هڪلون ڪندا، موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويا. ٻئي طرف واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ باوجود جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي.