نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو ڀرسان ٻيرن جي باغ ۾ ٻڪريون چارڻ جي ڳالهه تان موريا ۽ آگاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ 36 ڏينهن اڳ شروع ٿيل خوني تڪرار ۾ 23 ڏينهن اڳ موريا ڌر جو زخمي ٿيل نوجوان شاهنواز عرف طائو موريو لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي،  اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول شاهنواز موريو جي وارثن موجب  اسان جو ٽيون نوجوان تڪرار ۾ مارجي ويو آهي، پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. هنن الزام هڻندي چيو ته ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ علاج ۾ غفلت سبب اسان جو زخمي نوجوان فوت ٿي ويو آهي.ياد رهي ته موريا ۽ آگاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾  تڪرار ۾ مارجي ويل جو انگ وڌي 4 ٿي ويو  آهي، موريا ڌر جا 3 ڄڻا عبداللطيف موريو، ايوب موريو ۽ شاهنواز عرف طائو موريو، جڏهن ته آگاڻي ڌر جو هڪ ڄڻو مجاهد آگاڻي شامل آهن.