نئون ديرو (رپورٽ: نور ايم سومرو) نئون ديرو شگر مل وٽ ٽرڪ ۽ ٽرالر ڊرائيورن ۾ ڪراسنگ مامري تان جهيڙو، ڪمند، لٺين ۽ سروٽن جو استعمال، ڪشمور واسي ٽرڪ ڊرائيور قتل، ٽرالر شائيور 3 پٺاڻ گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب نئون ديرو شگر مل وٽ ٽرڪ ۽ ٽرالر ڊرائيورن ۾ ڪراسنگ مامري تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٽرالر ۽ ٽرڪ ڊرائيورن هڪٻئي مٿان ڪمند، لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو، مٿي ۾ سروٽا لڳڻ سبب ڪشمور جي ڳوٺ دين محمد واسي ٽرڪ ڊرائيور محمد لقمان نائچ بيهوش ٿي ويو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نئون ديرو اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي، اسپتال ۾ موجود مقتول ٽرڪ ڊرائيور جي ڀائٽي جهانگير نائچ ٻڌايو ته اسان ڪين گيٽ ۾ پنهنجي واري جي اچڻ لاءِ ٽرڪ جيئن ئي ٽرن ڪرائي ته ٽرالر ڊرائيور محمد علي شاهه پٺاڻ زبردستي اسان جي ٽرڪ آڏو ٽرالر ڏئي اسان کي روڪي ڇڏيو، جنهن تي اسان کيس ٽرالر هٽائڻ جو چيو ته هن مڇرجي اسان سان جهيڙو ڪيو ۽ سروٽن سان حملو ڪري چاچي لقمان نائچ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن سبب هو مارجي ويو، هوڏانهن ٽرالر ڊرائيور محمد علي شاهه پٺاڻ جو چوڻ هو ته اسان ڪالهه کان پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺل هئاسين، جيئن اسان جو وارو آيو ته ٽرڪ وارن زبردستي اسان کان اڳ ۾ پنهنجي ٽرڪ شگر مل اندر ڪاهي وڃڻ جي ڪوشس ڪئي، جنهن تان جهيڙو ٿي پيو، هنن به اسان کي ماريو ۽ اسان به پاڻ بچائڻ لاءِ ڌڪ هنيا، خبر ناهي ٽرڪ ڊرائيور ڪيئن مارجي ويو، نئون ديرو پوليس ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڊرائيور محمد علي شاهه پٺاڻ سميت سندس ٻن ساٿين باڙا خيبر ايجنسي واسي ذاڪر الله ۽ بنو واسي ظفر شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي مقتول محمد لقمان نائچ جو لاش 3 ڪلاڪن تائين ڊاڪٽر نه هجڻ سبب اسپتال ۾ پيل رهيو، 3 ڪلاڪن بعد ڊاڪٽر جي اچڻ بعد مقتول جو لاش جو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.