نئون ديرو(رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو جي نصرت لوپ بند ۽ موريا لوپ بندن تي پاڻي جو دٻاءُ برقرار آھي. جنهن ڪري علائقي واسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آھي، هوڏانهن گهرن اندر پاڻي اچڻ سبب رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪري پڪي طرف اچي رهيا آهن، ٻئي پاسي مسلسل برسات کانپوءِ رين ايمرجنسي هجڻ باوجود آبپاشي انتظاميا ننڊ ستل آهي. ٻرڙا ڳوٺ مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي. ڳوٺاڻن جو سامان سنڌو درياهه جو پاڻي لوڙھي کڻي ويو ڳوٺاڻا گھرن ۾ پاڻي بيٺل ڏسي پريشان ٿي ويا. ٻرڙا ڳوٺ ڏانھن ويندڙ رستي کي 2010ع واري ٻوڏ ۾ پل لڙهي وڃڻ سبب هن وقت تائين جڙي نه سگهي جنهن ڪري سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب رستو پڻ پاڻي جي اچڻ ڪري ٻرڙا ڳوٺ جو ٻين شهرن ۽ ڳوٺن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. سرڪار پاران ھن وقت تائين ڳوٺاڻن جي ڪا سار نه لڌي آھي نه وري سامان مٿانھن ھنڌن تي رکڻ لاءِ ڪي ٻيڙين جا بندوبست ڪيا آھن جنھن ڪري ڳوٺاڻن ۾ سخت مايوسي ڇانيل آھي. جڏھن ته ٻرڙا ڳوٺ جا ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت بچيل سامان کڻي پڪي طرف اچي ويٺا آھن. جنهن ڪري ڳوٺاڻا پريشان حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. سرڪار پاران ھن وقت تائين ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن. گهرن اندر پاڻي داخل ٿيڻ سبب ڪيترن ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي. ھوڏانھن ڳوٺاڻن جو سوين ايڪڙن تي ترن، جوئر جو فصل توڙي مڇيءَ جا تلائن ۾ بيٺل لکين روپين جي مڇي لڙھي وئي آھي. ڳوٺاڻن صفر، علي احمد نسيم، رکيل ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. اسان هاري، ڪڙمي ۽ ووٽر سردار اميربخش خان ڀٽو جا آهيون جنهن ڪري اسان جي ڳوٺ ٻاهران ڪيترن ئي ورهين کان بندن جي مرمت جو ڪم نه ڪرايو ويو آهي. ۽ نه ئي 2010ع ۾ لڙهي ويل پل ٻيهر تعمير ڪرائي ڏني وئي آهي. اسان جو ٻين ڳوٺن ۽ شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي اسان کي سردار اميربخش ڀٽو هڪ ٻيڙي مهيا ڪري ڏني آهي جنهن تي سامان کڻي پڪي طرف پهچائي رهيا آهيون. آبپاسي کاتي وارا اسان جي ڳوٺ ڏانهن ايندا ئي ناهن. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻه ڏينهن اڳ تپيدار ريسڪيو ٽيم وارن کي وٺي آيو هو پر انهن به پاڻي جو دٻاءُ وڌيڪ ڏسي واپس روانا ٿي ويا. ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت کي ميار ڏيندي چيو ته اسان به سنڌ جا رهواسي آهيون اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ ٻوڏ جو اوچتو پاڻي گھرن ۾ داخل ٿيو جنھن سبب گھرن ۾ موجود کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو سامان به کڻي نه سگهياسين. جڏھن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي ھيٺ اچن ڪري لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي سرڪار سڳوري اگھور ننڊ ستل آھي ڪا واھر نه ڪئي وئي آھي ھنن اپيل ڪئي آھي ته فوري طور تي ٻيڙا فراھم ڪري پاڻي ۾ ڦاٿل ڳوٺاڻن جي مدد ڪئي وڃي. ۽ جن جا گهر دريائي وهڪرن ۾لڙهي ويا آهن انهن کي ٽينٽ ڏنا وڃن ته جيئن پڪي تي پنهنجي ڪٽنبن سميت رهائش اختيار ڪن. ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت کي هنگامي بنيادن تي ٻرڙا پتڻ وٽ درياءَ جي کاڌ کي روڪڻ لاءِ اسپر لڳائڻ گهرجن ته جيئن هن علائقي کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگهجي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته درياءُ ٻرڙا ڳوٺ کي ڳڙڪائڻ بعد تيزيءَ سان نئون ديرو طرف وڌي ايندو جيڪو اڳتي هلي وڏو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب ڳوٺاڻن جا 50 کان وڌيڪ گهر لڙهي ويا ۽ جڏهن ته هڪ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۽ ٻه مسجدون پڻ درياهي وهڪرن ۾ لڙهي ويا.