نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ جي جيها برادري ۽ ڳوٺ پيارو ڏاهاڻي جي ڏاهاڻي برادري جي ڌرين ۾ پسند شادي تان شروع ٿيل تڪرار ۾ ٽي ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ڳوٺ مراد ڏاهاڻي جي مقتول جهنڊو ڏاهاڻي ۽ عبدالرحيم عرف محمد پناهه ڏاهاڻي ۽ ڳوٺ گلڻ جيهو جي رهواسي مقتول اسد جيهو جو ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيا آهن، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي پوليس به واقعي واري ڏينهن ڪجھه موبائيل ۾ سوار ٿي جهيڙيندڙ ڳوٺن ۾ گشت ڪري واپس رواني ٿي،ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ طرفان جهيڙيندڙ ڳوٺن ۾ پوليس پڪٽون قائم ڪرڻ واري حڪم باوجود جهيڙيندڙ ڳوٺن ۾ پوليس اهلڪار ڪٿي به نظر نه آيا. پوليس جي غير موجودگيءَ سبب خوني تڪرار ۾ وڌيڪ شدت اچي سگهي ٿي ۽ وڌيڪ انساني جانين جو نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي.ان حوالي سان سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيها – ڏاهاڻي تڪرار گهڻ پاسائي ٿي ويو آهي جنهن ڪري خبر ئي نٿي پئي ته ڪهڙي ڳوٺ وارا جهيڙي جو حصو آهن ۽ ڪهڙي وقت به حملو ٿي سگهي ٿو. جهيڙيندڙ ڌريون جهيڙي کي قومي جهيڙي جو رنگ ڏيڻ لاءِ عام ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن.