نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ ۽ ڳوٺ پيارو ڏاهاڻي ۾ جيها ڏاهاڻي ڌرين ۾ پسند پرڻي تان شروع ٿيل خوني تڪرار جي نبيري لاءِ پ پ اڳواڻن پاران نئون ديرو هائوس کان پاڪ ڪتاب، سيد ۽ معزز سان ميڙ منٿ قافلو ڌرين وٽ پهتو، ميڙ منٿ قافلي ۾ اعجاز احمد لغاري، آغا علينواز جلباڻي، نثار مراد ڀٽو، منصور سومرو، ارشد راشدي، انور ٻرڙو، عبدالخالق ڀٽو، عبدالحئي راشدي، شاهد شاهه، خالد ڪريم مڱريو، اسد شاهه، جبل شاهه ۽ ٻيا شامل هئا، ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ، ڳوٺ گلڻ جيهو ۽ پيارو ڏاهاڻي ۾ پهچي ڌرين کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏئي تڪرار ختم ڪري صلح ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ڳوٺ گلڻ جيهو ۾ جاويد ابڙو، گهرام غفار ابڙو ۽ ابراهيم جي وانڍ جي محمد پريل جيهو ميڙ منٿ کي مان ڏيندي چيو ته پهريان اسان کي ڏاهاڻي ڌر کان اسان جي ناري واپس ڪرائي ڏنو ته پوءِ اسان فيصلو ڪرڻ تي راضي ٿينداسين، اڳواڻن کين ڏاهاڻي ڌر سان ڳالهائڻ بعد ٻيهر رابطو ڪرڻ جو چيو، ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ پيارو ڏاهاڻي ۾ شريف ڏاهاڻي ۽ پيارو ڏاهاڻي وٽ پهچي جهيڙو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جيها ڌر جي ناري واپس ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي ڏاهاڻي ڌر جي چڱن مڙسن چيو ته اسان وٽ جيها ڌر جي ناري ناهي، اها ٻي ڌر آهي، جيها ڌر بيگناهه اسان جي عورتن ۽ شاگرد کي قتل ڪيو ۽ گهر ڊاهي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهيو، اسان فيصلي لاءِ راضي آهيون، اوهان جيڪو فيصلو ڪندا اسان کي قبول هوندو، آخر ۾ ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ عظيم ڏاهاڻي ۾ وڏيري نواب ڏاهاڻي، نورل ۽ عبدالفتاح واري ڌر وٽ پهتو، جتي پڻ ڌرين کي جهيڙو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي، جتي پڻ ڌرين پنهنجا خدشا پيش ڪرڻ بعد قافلي کي مثبت موٽ ڏني، اعجاز لغاري ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪريون ۽ ان ئي سلسلسي ۾ هي ميڙ منٿ امن قافلو ڪڍيو آهي، علي نواز جلباڻي چيو ته تڪرارن سان علائقي جو امن امان خراب ٿئي ٿو ۽ رهواسي پريشانين جي ور چڙهي وڃن ٿا.